سانگهڙ ڀرسان موبائل جي واپاري نوجوان جو لاش هٿ

سانگهڙ (ت ر)سانگھڙ جي پير سيد صبغت الله شاهه چلڊرين پارڪ ڀرسان پنج ڏينهن پراڻو لاش پوليس کي مليو آهي، جنهن جي سڃاڻپ  عارف چنا نالي ٿي آهي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي حد جي ايس ايڇ او جمن کوسي عوامي آواز کي ٻڌايو ته نوجوان کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف مقتول جي سالي عباس راڻو ٻڌايو ته عارف چنا 6 ڏينهن کان گم ھو سندس جھول ۾ موبائل جي دڪان ھئي ۽ هڪ ڌيءُ جو پيءُ آهي. سندس گهر واري روئي روئي بيحال ٿي وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مقتول جو ھڪ ھمراھه سان موبائل جي ڏيتي ليتي جو معاملو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.