ميان صاحب ۾ روڊ حادثو، نوجوان فوت،هڪ ڄڻو زخمي

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب همايون روڊ تي گذريل رات جو دير سان جيڪب آباد کان ميرپور ٻرڙو ويندڙ موٽرسائيڪل سوار  36 ورهين جو بخت الله ٻرڙو جو موٽرسائيڪل روڊ تان گذرندڙ نوجوان بابو بروهي سان ٽڪرائجي سلپ ٿي پيو جنهن سبب  ميرپور ٻرڙو واسي بخت الله ٻرڙو ۽ همايون واسي نوجوان آصف عرف بابو بروهي مرڻينگ ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ شڪارپور نيو پئي ويو تہ بخت الله ٻرڙو اسپتال ۾ زخمن جا سور نہ سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته  روڊ حادثي جي زخمي بابو بروهي جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.