عوامي آواز جي رپورٽرن جي سکر ۾ گڏجاڻي

سکر(رپورٽر) سنڌ جي حقن جي ترجمان روزاني عوامي آواز جي سالياني گڏجاڻي سکر پريس ڪلب ۾ ٿي گذري،جنهن ۾ سکر،گهوٽڪي،  خيرپور۽ نوشهروفيروز ضلعن ۽تعلقن جي رپورٽرن شرڪت ڪئي،گڏجاڻي کي ڊپٽي ايگزيڪٽو ايڊيٽر ناصر حسن خٽڪ ۽ اقبال ملاح خطاب ڪندي چيو ته روزاني عوامي آواز جي عوام جي حقن جو آواز آهي جيڪا غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي آواز کي ايوانن تائين پهچائي ٿي،روزاني عوامي آواز سان واڳيل ڪڏهن به  قلم تي سوديبازي نه ڪئي آهي،سنڌ جي ڪيترن ئي ادارن مان ڪارڪنن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي پر عوامي آواز ميڊيا گروپ مان ڪنهن به ڪارڪن کي بيروزگار نه ڪيو ويو آهي،رپورٽر عوامي مسئلن صحت،تعليم سميت ٻين مسئلن کي اهميت ڏين ته جيئن عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.