ٿاڻو بولا خان لڳ ڪوچ ڪلٽي، هڪ فوت، عورتن سميت 15 زخمي

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ ) ٿاڻوبولاخان ويجهو چوھڙ لڪ جي خطرناڪ چاڙھي تان لهندي ٿاڻوبولاخان کان حيدرآباد طرف ويندڙ باريجا  مسافر  بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 1 ڄڻو فوت  ٿي ويو 15 کان وڌيڪ مسافر سخت زخمي ٿي پيا حادثي جو اطلاع ملندي ئي سماجي اڳواڻ صحافي شھري سرڪاري ۽ نجي ايمبولينس ۽ لوني ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان پهچايو ويو شاول جي مدد سان بس کي مٿي کڻي بس ۾ ڦاتل ممون مڱڻھار کي ٻاهر ڪڍيو ويو حادثي ۾ فوتي جي سڃاڻپ نصرپور واسي 60 ورهين جي ممون  مڱڻهار طور ٿي آھي، جنهن جو لاش  وارث نصرپور کڻائي ويا، جڏهن ته زخمين ۾ 45 سالن جو ٻانهوباريجو  ، 50 سالن جو عبدالرزاق باريجو  ،40 سالن جي  فاطمه باريجو ۔4، سالن جي  مٺاڻ پالاري 10 سالن جو ڪريم بخش جومڱڻھار ۔4، سالن جي   سونهاري مڱڻھار ، سالن جو  رفيق باريجو ۔ 30 سالن جو نادر باريجو  ۽ 40 سالن جو قاسم مڱڻھار  شامل آهن ۔ جن کي تعلقه اسپتال ٿاڻوبولاخان منتقل ڪري  طبعي امداد ڏني جڏهن ته ڪجه مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته وچ روڊ تي بس ڪلٽي ٿيڻ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊ بند رهيو  جنهن سبب گاڏين جي آمدورفت معطل ٿي وئي جنهن سبب ڪيترن ئي  مسافرن ۽ مقامي رهواسين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو واقعي جو اطلاع ملندي ئي حد جي لوني ڪوٽ  پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.