درياخان مري لڳ چوري ڪوشش، جوابدار سوگهو

دريا خان مري (ن ع آ) دريا خان مري ڳوٺ عبدالشڪور لاشاري ۾ محبت  لاشاري جي خيرات جي دعوت ۾ چاٻي  چور غلام حسين پٽ  روشن شر کي  تيتري موري جي رھواسي شير محمد مري جي موٽرسائيڪل چوري ڪندي ھڪ پسٽل ۽ ٻن  ماسٽر چاٻين سميت پڪڙي ورتو جوابدار پسٽل سان ڳوٺاڻن تي فائرنگ به ڪئي ۽ رھواسين کي ڌمڪيون ڏيندو رھيو ڳوٺاڻن چاٻي چور غلام حسين پٽ روشن شر کي پڪڙي دريا خان مري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. دريا خان مري پوليس جوابدار کي ھڪ پسٽل ۽ ٻن ماسٽر چاٻين سميت گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ياد رھي ته دريا خان مري ۽ ان جي آسپاس جي علائقن مان ٿورن ئي ڏينھن ۾ ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون چوري ٿيل آھن موٽرسائيڪلن جي چوريون روز جو معمول بڻيل آھـن چاٻي چور جي گرفتاري جي خبر پوڻ تي ڪيترائي شھري ۽ ڳوٺاڻا دريا خان مري ٿاڻي تي پھچي ويا  جڏھن ته جوابدار غلام حسين شر ڪوٽ لالو ڀرسان ڳوٺ علينواز شر جو رھواسي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.