پيرونمل لڳ گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

پيرونمل (ن ع آ)پيرونمل لڳ ٽنڊي مٺا خان ۾ مسڪين رمضان ملاح جي گھر کي اوچتو باھه لڳي وئي، باھه لڳڻ سبب گھر جي  ٺھيل لانـڍي مڪمل طور تي سڙي رک ٿي وئي، گھر ۾ پيل ڪجهھ ضروري سامان پڻ سڙي رک ٿي ويو. رمضان ملاح ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته اسين سڀ گھر جا ڀاتي مزدوري تي نڪتل ھئاسين اسانکي اوچتو اطلاع مليو ۽ اسين فوري طور تي گھر پھتاسين.هنن ڊي سي سانگھڙ سميت ٻين سڀني وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته مسڪينن جي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.