احمدپور لڳ کجين جي بارداني کي باهه، متاثرن جو احتجاج

احمدپور (  ن ع آ ) احمدپور شهر ٻاهران زمين ۾ رکيل آبادگار عبدالستار ريٽي جي کجين جي بارداني (ٽوئن) ۽ ڪاٽ کي باهه  لڳي وئي، جنھن سبب سمورو ڪاٽ ۽ باردانو رک ٿي ويو، جڏهن ته آبادگار عبدالستار ريٽي جي فرياد احمدپور ٿاڻي نامعلوم ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪئي آهي، ان ڏس ۾ آبادگار عبدالستار ر ڀٽي، ييرل ريٽي، غلام حسين علي خان ريٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو اسان جي  ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي شرپسندن ڏينهن ڏٺي جو ڪاٽ ۽ کجين بارداني کي باھ ڏئي وڏو ظلم ڪيو آهي، هن چيو ته باهه سبب منهنجو 10 لک رپين جو ڪاٽ ۽ باردانو سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته بر وقت اطلاع ڏيڻ جي باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو آهي، هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته باهه ڏيندڙ شرپسند جو پتو لڳائي کين سخت سزا ڏني وڃي ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.