ڪڪڙ ۾ گهر کي باهه ڏيڻ خلاف متاثرن جو عورتن سميت مظاهرو

ڪڪڙ (ن ع آ )ڪڪڙ ۾ گھر کي مبينا باھ ڏيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لانگاھ برادري جو مرد ۽ عورتن جو احتجاجي مظاھرو  خبر موجب ڳوٺ ڀائي خان ملاح جي رھواسين عورتن ۽ مردن پاران مسمات زرينا، مسمات شمشاد لانگاهه، عبدالحميد لانگاھ ،رجب علي سميت ٻين مبينا گھر کي باھ ڏيندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو،  ان موقعي تي مسمات زرينا لانگاهه ۽ ٻين چيو ته ٻه ڏينھن اڳ رات جو جوابدار غني قمبراڻي، ممتاز زاھد قمبراڻي سميت ٻين جوابدارن گھر اندر گھڙي ڇاپڙي کي باھ ڏئي فرار ٿي ويا باھ ۾ سڙي ويل اناج سولر پليٽون سميت ٻيون گھرو سامان سڙي رک ٿي ويو، جيڪو اسان جو ڏيڍ لک جي ماليت جو سامان ھيو اھڙي رپورٽ جوابدارن خلاف ڪڪڙ ٿاڻي تي ڪرائي وئي آھي، پر ڪڪڙ پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناھي جيڪا ساڻس ناانصافي زيادتي آھي اسان ايس ايس پي دادو دادو کان مطالبو ٿا ڪيون ت باھ ڏيندڙ جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل غني قمبراڻي چيو ت مخالف ڌر ڪوڙو ڊرامو رچائي ڇاپري کي پاڻ باھ ڏئي اسان مٿان ڪيس ڪرائڻ چاھين ٿا الزام غلط بي بنياد آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.