ڏوڪري ۾ شيعا اڳواڻن تي ڪيس خلاف احتجاج

ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري ۾ شيعا اڳواڻن سميت 800 ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيڻ ۽ گرفتارين خلاف عزادار سراپا احتجاج بڻيل آهن  ٻن ڏينهن کان ٿاڻي جي گيٽ آڏو شاميانا لڳائي احتجاج جاري آهي شيعا اڳواڻن پوليس وڌيڪ پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود احمد بنگش معاملي جي جاچ لاءِ جي آء ٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته گرفتار ٿيل اڃا تائين آزاد نه ٿيا آهن ان ڏس ۾  شيعا اڳواڻن مولوي غلام علي عاملي،غلام اصغر جنتي، منظور علي جلباڻي، ذاڪر حسين ٻگهيو، امام علي جلباڻي سميت 800 ماڻهن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف عزادار سراپا احتجاج بڻيل آهن ڏوڪري ٿاڻي جي گيٽ اڳيان ٻن ڏينهن کان عزادارن جو احتجاج جاري آهي عزادارن رات به ٿاڻي جي آڏو گذاري ۽ نمازون به اتي ئي ادا ڪري رهيا آهن شيعا اڳواڻن پوليس کي وڌيڪ پاڻمرادو گرفتاريون پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي شيعا اڳواڻن مولانا رياض الحسيني، مولانا محسن علي مفڪري، مشتاق حسين مشهدي، سيد علي گوهر شاهه، عاشق جتوئي ، مسرور سيال،مولوي غلام مهدي جتوئي ذوالفقار ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته بنا ڪنهن ڏوھ جي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ڪيس ختم ڪري گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي يا اسان وڌيڪ گرفتاريون ڏيڻ لاءِ به تيار آهيون  هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو شيعا اڳواڻن تي ڪيس داخل ٿيڻ واري معاملي جي جاچ لاء هڪ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم به مقرر ڪري ڇڏي آهي. ٽيم جو انچارج ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي، عبدالغفور ڇٽو، حضور بخش جوڻيجو، عبدالرزاق ٽڳڙ ميمبرن ۾ شامل آهن مقرر ٿيل ٽيم ڏوڪري ٿاڻي تي پهچي انڪوائري شروع ڪري ڏني آهي هوڏانهن مجلس وحدت المسلمین  ضلعي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن عبدالرزاق جلباڻي، مولانا محمد علي شر، مولانا بدرالدين جعفري، شاهد حسين جلباڻي،  عبدالقادر جلباڻي جي اڳواڻن پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي اسان هميشه  قانون جي پاسداري ڪئي آهي ، ڏوڪري پوليس عزادارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري بي گناھ گرفتاريون ڪيون آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. عزادارن کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.