مدئجي ۾ سلينڊر لڳل گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون

مدئجي(ن ع آ ) ڊي آءِ  جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ  جي حڪم تي مسافر گاڏين مان سي اين جي گيس جا سيلينڊر لاھڻ واري حڪم  تي عمل شروع ڪيو ويو آهي ـ ان ڏس ۾ پوليس ايس ايڇ او ڳاھيجا غلام مصطفي’ ابڙو ۽ ايس ايڇ اونئون امروٽ شاھنواز مھر جي اڳواڻيء ۾ پوليس سکرـ لاڙڪاڻو مين روڊ تي ناڪابندي ڪري ويگنن ۽ سوزوڪين سميت 10کان مٿي مسافر گاڏين مان سي اين جي سيلينڊر لاھي ڇڏيا آهن ان موقعي تي اھلڪارن ۽ ڊرائيورن ۾ منهن ماري پڻ ٿي جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو سوين مسافر اڌ سفر ۾ دربدر ٿي وڃڻ ڪري پريشان ٿي ويا ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.