ڳڙهي حسن لڳ پوليس ڪاهه، ڦرلٽ، 2 ڄڻا کنڀي گم، ڌرڻو

ڳڙهي حسن (ن ع آ) دلمراد ٿاڻي جي حد ڳوٺ الله ڏتو  بروهي تي ايس ايڇ او ڪرمپور  جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن چڙهائي ڪري ڳوٺاڻي محمد يونس غلام حسين کوسو ۽ جعفر کوسو کي کنڀي کڻي وئي ۽ گهر ۾ پيل 20 مڻ ڪڻڪ. پنج ٻڪريون ڪاهي وئي هوڏانهن ڪرمپور پوليس جي ناجائزن خلاف عورتن ۽ ٻارڙن ۾ لعل خاتون حاڪم خاتون. غلام حسين کوسو. احسان ٽانوري.امام الدين کوسو. محمد يوسف کوسو. جبار ٽانوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جيڪب آباد. ۽ ٺل روڊ تي ڌرڻو هنيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهيندي مظاهرين چيو تہ ڪرمپور پوليس اسان جي گهر ۾ بلاجواز چڙهائي ڪري گهر جو تقدس پائمال ڪيو آهي هنن چيو تہ اسان ڪوهو جيڪب آباد پڙي مان خريد ڪيو آهي ان کي چوري جو ڄاڻائي ناجائز ڪيس ۾ فاسائڻ چاهين ٿا هنن چيو تہ اسان جي گهر مان اناج ۽ ٻڪريون پوليس ڪاهي وئي آهي خدارا ايس ايس پي ڪشمور نوٽيس وٺي ڪرمپور پوليس خلاف ڪاروائي ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.

لاڙڪاڻي جا کنڀيل 6 ڄڻا  آزاد نه ٿيا، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل ٽن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي  تصويرن وارا بينر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، افسانه دايو، ضياءُ الدين مغيري ۽ عبداللطيف سولنگي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي نوجوان انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو، جڏهن ته شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان 22 نومبر 2017ع تي اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي کي کنڀي گم ڪيو ويو ۽ 26 نومبر 2019ع تي خالق ڪالوني مان پورهيت نوجوان غلام عمر مغيري کي کنڀي گم ڪيو ويو، جيڪي بيگناھ آهن ۽ سندن ڪنهن به سياسي تنظيم سان ڪو واسطو پڻ نه آهي. هنن چيو ته اسان پنهنجي نوجوانن جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪندي اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اسان جي هن احتجاج جو نوٽيس ناهي ورتو، جڏهن ته سڀني کنڀي گم ڪيل نوجوانن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن ڪري اسان جي گهرن ۾ سخت پريشاني ۽ مايوسي ڇانيل آهي. هنن وزيراعظم، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، چيف آف آرمي اسٽاف، انساني حقن جي تنظيمن سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ڏهرڪي جا 2 مغوي نوجوان قيد، پوليس ۾ حد تڪرار، احتجاج

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي ويجهو هٿاربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺ غازي خان ڏهر واسي نوجوان عابد ڏهر ۽ ڳوٺ باهو ڪانڃون جي نوجوان پورهيت اڪبر ڪانڃون کي ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڏهرڪي توڙي  پنوعاقل پوليس پتو لڳائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي جنهن جي ڪري نوجوانن جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي ان سلسلي ۾ نوجوان پورهيت اڪبر علي ڪانڃون جي وارثن فرمان علي،اصغر ڪانڃون،ڪاشف ڪانڃون ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان اڪبر ڪانڃون هوٽل تي پورهيو ڪري گهر جو خرچ هليندو هو جيڪو پاڙيسري عابد ڏهر سان ٽي ڏينهن اڳ ڪم سانگي پنو عاقل چئي گهران ويا هئا جن جو ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جڏهن ته نوجوان عابد ڏهر جو موبائل ڪشمور جي ڪچي ۾ ٽريس ٿيڻ بعد عابد جو ڪشمور جي ڪچي ۾ هجڻ جي اطلاع  آهن  . جنهن لاءِ  اسان کي پڻ خدشو آهي ته اسان جي نوجوان کي پڻ عابد ڏهر سان گڏ اغوا ٿيل آهي جنهن جي بازيابي لاءِ اسان ڏهرڪي پنو عاقل پوليس ۽ ڊي آءِ جي سکر توڙي چونڊيل نمائندن وٽ ويا آهيون پر ڏهرڪي ۽ پنو عاقل پوليس اسان جي نوجوانن کي هٿ ڪرڻ بدارن حد بندي جو جواز ڄاڻائي اسان کي ٿاڻي تان پڻ واپس موٽائي ڇڏيو جنهن جي ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي پر ان باوجود اسان جي پوليس هڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي  انهن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي اغوا ٿيل نوجوانن کي بازياب ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي

ڪلوئي ۾ ميبنا گم ٿيل ڪائونسلر جي وارثن جو احتجاج

ڪلوئي (ن ع آ) ڪلوئي ويجهو 2 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ڳوٺ ڄار پتڻ واسي اڳوڻي ڪانوئسلر الهڏنو عرف ربو لنڊ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. ان ڏس ۾ سندس  وارثن اسلم لنڊ، اشرف لنڊ، الهجڙيو عارب ۽ ٻين پريس ڪلب ڪلوئي پهچي ٻئي ڏينهن به سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته 2 ڏينهن اڳ نهڙيا برادري جي بااثرن سياسي ماڻهن جي چرچ تي اسان جو ماڻهون مبينا طور اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، خدشو آهي ته کيس قتل ڪري ڇڏيندا. هنن اعليٰ اختيارين کان انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.