سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ جي ملاقات

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون، ماحوليات ۽ ساحلي ترقي بابت صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قانون واري صلاحڪار  بئرسٽر مرتضيٰ وهاب کي پوليسنگ جي معاملن بابت آگاهي فراهم ڪئي. ان موقعي تي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پوليس کاتي ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ گهرجي ته جئين  بهتر نتيجا  ۽  بهتر فيڊ بيڪ ملي سگهي ۽ چيو ته اغوا، جنسي زيادتن خاص طور تي معصوم ٻارڙن سان بدسلوڪي ۽ ظلم تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن معاشري ۾ اهڙي قسم جا واقعا پيش نه اچن. بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪڻ جي لاءِ پوليس کاتي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان  ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ عوام جي وچ بهتر رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.قانون واري صلاحڪار بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته پوليس سسٽم جي خامين جي نشاندهي ڪرڻ هر ذميوار شهري جو بنيادي حق آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.