ميهڙ ۾ بدامني، واپاري کان 3 لک رپيا ڦر

ميهڙ ( ن ع آ ) ميهڙ ۾ بدامني رڪجي ناهي سگهي، ميهڙ جي گاهي مهيسر روڊ تي ثاقب ڪالوني وٽ کير جي ڪارخاني جي آفيس تي 4 نامعلوم هٿياربندن واپاري سيٺ محمد يوسف قمبراڻي جي پٽ اويس قمبراڻي ۽ ٻن ملازمن کي آفيس ۾ هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئس 3  لک روپيا روڪ رقم ۽ 3 موبائل سيٽ ڦر ڪري فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پوليس ميهڙ واقعي واري هنڌ پهچي نه سگهيا هٿياربند ڪاروائي ڪري فرار ٿي ويا واقعي خلاف دڪاندارن گاهي مهيسر روڊ تي بدامني خلاف احتجاج ڪيو، ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.