ڊگهڙي ۾ بد امني، هڪ ئي رات ۾چوري جون ٻه وارداتون

ڊگهڙي(ن ع آ )ڊگهڙي شهر ۾ هڪ ئي رات چوري جون ٻه وارداتون،خبر موجب ڊگهڙي ڀرسان واحد ماڊل وٽ روڊ ڪناري تي ويٺل  برسات متاثر ڪانو ميگهواڙ جي ڀلي نسل جي ٻڪري موٽرسائيڪل سوار ٻه نامعلوم چور چوري ڪري فرار ٿي ويا،ٻي طرف تعلقي اسپتال ڊگهڙي ڀرسان غريب آباد ڪالوني ۾ رات دير سان نامعلوم چور سعيد آرائين جي گهر مان ٽي قيمتي موبائل فون،پندرنهن هزار روپيا روڪ ۽ لڳ ڀڳ هڪ لک روپين جو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا.

مبارڪپور ڀرسان چور ڀاڳئي جي ڀلوڙ مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا

مبارڪپور (ن ع آ ) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ عبدالحڪيم مھر مان پورهيت جي گهر کي کاٽ، نامعلوم چور هڪ ڀلوڙ مينهن  چوري ڪري ويا. خبر موجب مبارڪپور ڀرسان  ڳوٺ عبدالحيڪم  مهر ۾ نامعلوم چورن رات سونارو ۽ زاهد اندڙ جي گهر کي کاٽ هڻي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا ، ڳوٺاڻن ۽ پوليس پاران پيرو  وڃائي موٽي آيا اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.ياد رھي مبارڪپور ٿاڻو ڪجھ ڏينھن کان بغير ايس ايڇ او جي آھي پنجن ڏينهن کان مبارڪپور ٿاڻي تي ڪو ايس ايڇ او مقرر نه ٿي سگهيو.

باهو کوسي پوليس جي ڦريل موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

باهو کوسو(ن ع آ) ٽي مهينا اڳ ڳوٺاڻي عرض محمد بنگلاڻي کان موٽر سائيڪل ڦر ٿي هئي باهو  کوسو ٿاڻي جي ايس ايچ او عبدالغفار قمبراڻي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي جيڪا هن مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي انهيء موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي عبدالغفار قمبراڻي چيو ته امن امان واي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رهيو آهيان, هو  ڏوه ۽ ڏوهاري جي سخت خلاف آهي, ڏوهاري سان هو ڪنهن به صورتحال ۾ سمجهوتو نه ڪندو.

ڪنڌڪوٽ ۾رڪشو هلائيندڙ ۽ پوليس اهلڪار ۾جهيڙو

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر )ڪنڌڪوٽ جي ساقي موڙ وٽ  ٽرئفڪ پوليس ۽ رڪشو هلائيندڙ نوجوان جو جهيڙو ٿي پيو جهيڙي جي نتيجي ۾ ٽرئفڪ پوليس اهلڪار ۽ رڪشو هلائيندڙ هٿين پئجي ويا ۽ رڪشو هلائيندڙ نوجوان نورالدين پوليس اهلڪار جو گريبان پڪڙي ورتل رهيو تقريبن شهر جي مصروف ترين روڊ تي تماشو 20 منٽن تائين جاري رهيو ۽ شهري وچ ۾ پئي ٽرئفڪ پوليس ۽ رڪشو هلائيندڙ وچ ۾ جهيڙو ختم ڪرايو ۽ رڪشي وارو روانو ٿي ويو معلومات وٺڻ تي رڪشو هلائيندڙ نوجوان نورالدين جو چوڻ هو ته ٽرئفڪ پوليس مونکي گٿا لفظ ڳالهايا جنهن تي مون هن سان جهيڙو ڪيو ٽرئفڪ پوليس اهلڪار جو چوڻ هو ته رڪشو هلائيندڙ وچ روڊ تي بيهي رهيو هن کي رڪشو ڪڍڻ لاءِ چيس ته هو آپي مان نڪري ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.