مدئجي ڀرسان حادثي ۾ٽن عورتن سوڌو 4 ڄڻا زخمي

مدئجي(ن ع آ ) مدئجي ڀرسان جلباڻي لاڙي ڀرسان سکر لاڙڪاڻو روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ گڏهه گاڏي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي  نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ڳاهيجا واسي نوجوان ۽ ٽن عورتن سميت چار ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا،زخمين ۾ موٽر سائيڪل سوار مسمات شرجيلا ابڙو,مسمات شبيران خاتون,نوجوان محسن ابڙو ۽ گڏهه گاڏي تي سوار عورت مسمات شهربانو زال ميرحسن بروهي شامل آهن،زخمين کي ڳوٺاڻن بروقت کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو جتي زخمين کي علاج ڏنو ويو،زخمين مان هڪ ڄڻي محسن ابڙو کي لاڙڪاڻي اسپتال نيو ويو،ان سلسلي ۾ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر سائيڪل سوار نئون ديرو کان ڳاهيجا اچي رهيا هئا ته سکر لاڙڪاڻو روڊ گڏهه گاڏي سان ٽڪر ٿيڻ سبب نوجوان ۽ ٻه عورتون ۽ هڪ گڏهه گاڏي تي سوار عورت زخمي ٿي پيا،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.