سيٺارجن لڳ چڙهائي، تشدد، ڦرلٽ، 3 ڄڻا گم، احتجاج

سيٺارجا ( رپورٽ : علي نثار آرائين ) سيٺارجا لڳ ڳوٺ ننگر خان لنڊ مٿان چئين ٿاڻن جي پوليس گهرن اندر داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن مٿان سخت تشدد ڪيو،  ان موقعي تي رهواسين مردن ، عورتن ۽ ٻارن احتجاج  ڪندي الزام لڳايو آهي ته گذريل ٺري ميرواهه ،بوزداروڏا، سيٺارجا ۽ پيروسڻ ٿاڻن جي پوليس جي وڏي انگ اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي گهرن مان تقريبن ڏيڍ لک روپين نقد، سونا زيور ، ٻه موٽر سائيڪلون ، 20 ٻڪريون ، 6 مينهيون ۽ انهن جا چار ڦر سميت 7 مڻ کان وڌيڪ ڦٽيون پاڻ سان گڏ کڻي اسان جي ٽن ڳوٺاڻن غلام فريد ، غلام سرور عرف گودو ۽ غلام عباس عرف جاجو کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي جن کي گم ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته انهن اهو پڻ الزام مڙهيو ته سندن هڪ عورت مسمات امينت بيگم جيڪا 6 مهينن جي حمل سان آهي ان کي پڻ پوليس اهلڪارن تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ سندس ٻار ضايع ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي، چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.