ڏوڪري لڳ ڍنڍ تي قبضو، مهاڻا بيروزگار، احتجاج

ڏوڪري (ن ع آ ) ڏوڪري ۾ ملاحن پاڻي جي ڍنڍن واهن نارن تي بااثرن جي قبضن خلاف سخت احتجاج ڪيو ٻارڙن جي ڳچي ۾ مانيون ٻڌي انوکو احتجاج ڪيو ويو ، ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقن جي ملاحن ملاح فورم جي  اڳواڻ شهمير ميراڻي، امام علي ملاح، سماجي اڳواڻ لياقت ميراڻي، ياسين ميراڻي جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙن جي ڳچيءَ ۾ مانيون ٻڌي احتجاجي جلوس ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي ملاحن جي  روزگار جي ذريعن ڍنڍن، ڍورن، نارن ،واهن تي  غير قانوني طور مختلف بااثرن  ماڻهن قبضا ڪري ورتا آهن ۽ اسان جي ٻچن جو روز گار کسيو آهي جنهن جو تازو مثال ڏوڪري ڀرسان بخش جتوئي جي اڳوڻي چيئرمين عبدالحميد جيسر ۽ سندس ڀائرن فراڊ ڪري جعلي نموني سان ڪوڙا دستاويز ٺهرائي   35 ايڪڙ ناري جي زمين تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ملاح  برادري  جا ماڻهو بلڪل بي روزگار ٿي ويا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪيون ٿا ته واهن ۽ نارن تي قبضن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي  ٻئي صورت ۾ وڌيڪ سخت احتجاج ڪيو ويندو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اڳوڻي يوسي چيئرمين عبدالحميد جيسر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قبضن ڪرڻ جا الزام اجايا آهن ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقي جي واهن، نارن ۽ ڍورن تي مون يا منهنجي ڀائرن جو ڪو به قبضو نه آهي  سياسي بنيادن تي اسان مٿان الزام مڙهيا ويا آهن. هوڏانهن ڇيمبر آف ڪامرس جي عبدالحميد جيسر چيو ته ملاح منهنجا ڀائر آهن مان ڪنهن به ڍنڍ تي قبضو ناهي ڪيو الزام بي بنياد آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.