لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ والدين 6 ٻار ڇڏي ويا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) شيخ زيد چلڊرين اسپتال ايمرجنسي جي انتظاميه ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر سيف الله ڄامڙو جو چوڻ آهي ته  هلندڙ سال تازول ڄاول 6 ٻارڙين کي سندن والدين غلط ايڊريس ۽ فون نمبر ڏئي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ لاوارثي جي حالت ۾ ڇڏي هليا ويا هئا جڏهن ته بدقسمتي سان 5 ٻارڙيون فوت ٿي چڪيون جن جي تدفين پوليس ۽ ايڌهي جي مدد سان ڪئي وئي جڏهن ته زندهه رهندڙ هڪ ٻارڙيءَ کي ايڌهي جي مدد سان اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ اسٽاف پاران هنج ورتو ويو. شيخ زيد چلڊرين اسپتال جي ايمرجنسي جي انگ اکرن مان انڪشاف ٿيو آهي ته هلندڙ سال انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ٻارڙن کي ڊاڪٽرن جي ميڊيڪل ايڊوائيس جي خلاف علاج جي بنيادي حق کان محروم ڪيو ويو ۽ اهڙن ٻارڙن ۾ 80 سيڪڙو تعداد تازو ڄاول ٻارڙين جو آهي. ايمرجنسي انتظاميه جو چوڻ آهي ته هر مهيني اهڙا 10 کان 15 ڪيس سامهون ايندا رهن ٿا.  جن مان والدين طرفان مبينا طور پنهنجي معاشي مسئلن جي ڪري آڪسيجن ڊپينڊينسي جي لاءِ تازول ڄاول ٻارڙن کي ڊاڪٽرن جي مرضيٰ جي خلاف اسپتالن مان واپس کنيو ويندو آهي جڏهن ته ايمرجنسي جي ٽريٽمينٽ ۽ دوائن سميت سموريون سهولتون مفت فراهم ڪيون وينديون آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته چائلڊ نگليڪٽ ترقي يافته ملڪن ۾ هڪ ڏوهه جو ڪم آهي، پاڪستان ۾ اهڙي قسم جي ڪائي به قانون نه هئڻ جي ڪري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ٻارڙين جون مائرون روئنديون رهن ٿيون پر والد ميڊيڪل ايڊوائيس جي خلاف کين اسپتال مان کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪن ٿا ۽ ڊاڪٽرن ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهن ۽ اهڙن ڪيسن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي توڙي پٺتي پيل علائقن مان ڪيس سڀ کان وڌيڪ سامهون اچي رهيا آهن جن جو پهريون ڀيرو انگ اکرن سان گڏ داخلا شيخ زيد چلڊرين اسپتال ۾ سامهون آيو آهي. ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو آهي ته چائلڊ نگليڪٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي خلاف قانونسازي ڪري معصوم ٻارڙين جي زندگين کي بچائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.