نوابشاهه لڳ زمين جي مالڪي تان ڇڪتاڻ، جمالي برادري جو ٿاڻي آڏو احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ : اڪرم چانڊيو) کڏھر ٿاڻي جي حد ور اسٽاپ ڀرسان ڏھه ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان جمالي برادري ۽ سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو ۽ فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاءُ پيدا  ٿي ويو، جڏھن ته کڏھر پوليس متاثر ڌر شاھنواز جمالي جي مدد ڪرڻ بجاءِ مخالف ڌر جي ونگاري بڻيل رھي، پوليس جي موجودگي ۾ نامعلوم ماڻهو شاھنواز جمالي جي ڌر جون ٻيٺل ٻن ڪرولا ڪارن جا شيشا ٽوڙڻ سان گڏ ڪارن کي نقصان پھچايو، اھڙي زيادتي خلاف شاھنواز جمالي پنھنجي برادري سميت سوين ماڻهن عابد جمالي، محمد خان جمالي ۽ غلام مصطفيٰ جمالي سان گڏ کڏھر ٿاڻي جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڏھه ايڪڙ زرعي زمين شاھه زخ انڙ ۽ گھر ڀاتين کان خريد ڪئي آهي، جنهن جي رجسٽري به اسان وٽ آهي ۽ قبضو به اسان وٽ آھي، اڄ اسان ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ٽريڪٽر ڪاھي زمين تي وياسين ته اتي مرتصيٰ سيال، ۽ يوسف جمالي 20 کان وڌيڪ ھٿياربند ساڻ ڪري ھٿيارن جي زور تي سڌيون گوليون ھلائي ٽريڪٽر ۽ ٻن ڪار گاڏين جا شيشا توڙي انھن کي نقصان پھچايو، ھنن چيو ته اسان پوليس کي اطلاع ڏنو آهي ليڪن کڏھر پوليس بااثر شخص جي ونڱار وھندي جوابدارن خلاف ڪيس داخل نٿي ڪري، ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف ذريعن جي موجب ته يوسف جمالي ۽ مُرتضيٰ سيال جي وياج جي رقم شاهه رُخ اُنڙ طرف آهي جنهن جي عيوض هُنن هن زمين تي قبضو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.