دڙو ۾ ڏاڏي وٽ قيد پوٽو راڄوڻي بعد ماءٌ حوالي

سجاول/ دڙو ( نمائندن وٽان):دڙي ويجهو ڳوٺ ابراهيم ڪيڙانو ۾ هڪ مهينو اڳ ڏاڏي محي الدين ڪيڙانو وٽ مبينا قيد  ڪيل سندس ڏيڍ ورهين جي معصوم پوٽي دل مور ڪيڙانو کي راڄوڻي نموني بازياب ڪرائي پوليس حوالي ڪيو ويو جڏهن تہ پوليس پاران ٻارڙي کي پوليس جي دٻاءُ کان پوءِ بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي هوڏانهن بازياب ٿيل ٻارڙي دل مور ڪيڙانو کي سندس ماءُ نائلا ڪيڙانو حوالي ڪيو ويو آهي ياد رهي تہ ناري نائلا ڪيڙانو پاران سجاول جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ ناري پاران موقف اختيار ڪيو ويو هو تہ منهنجي مڙس مور ڪيڙانو جي فوت ٿيڻ کانپوءِ منهنجي سهري محي الدين ڪيڙانو ۽ ڏيرن منهنجي ڏيڍ ورهين جي معصوم پٽ دل مور کي مون کان زبردستي ڦري پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آهي جنهن تي عدالت پاران پوليس کي ٻارڙو بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، پوليس به ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.