مٽياري ويجهو ڀائرن جو جهيڙو ڇڏائيندي ڌڪ لڳڻ سبب والده دم ڏئي ڇڏيو

مٽياري (ت ر) مٽياري ڀرسان ڳوٺ بچو ڳهيلو ۾ يار محمد ڳهيلو جي ٻن پٽن جو معمولي ڳالھ تان پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو ته سندن ماءُ مسمات آمنه زال يار محمد ڳهيلو پٽن کي ڇڏائڻ لاءِ پهتي ته جهيڙي سبب  کيس معمولي ڌڪ لڳي ويو جنهن کي ترت مٽياري تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان کيس حيدرآباد نيو ويو پر عورت جانبرداشته ٿي فوت ٿي وئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته عورت کي معمولي ڌڪ لڳو آهي سندس موت جي وجهھ ڌڪ نه پر سندس موت دل بيهڻ سبب ٿيو آهي عورت جي لاش کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.