پي ڊي ايم جي حڪومت مخالف تحريڪ  ۽ ٽڪراءَ کان بچڻ جي ضرورت

ايڊيٽوريل

ملڪ ۾  سياسي ماحول جو گرمي پد وڌي رهيو آهي، پي ڊي ايم جي قيام ۽ ان بعد حڪومت مخالف تحريڪ جي 16- آڪٽوبر تي پهرين  گجرانوالا جلسي جي اعلان بعد ملڪ ۾ جهڙوڪر حڪومت مخالف اتحاد، پارٽين، قوتن ۽ حڪومت ۽ حڪومتي مشينريءَ جي وچ ۾ هڪ شديد ڇڪتاڻ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جو اظهار ان ڳالهه مان ٿئي ٿو ته گجرانوالا جي ضلعي انتظاميه ضلعي ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني آهي، جڏهن ته وزيراعظم پاڻ اهو وڏي واڪي چيو آهي ته حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، ان جا مشير وري وزيراعظم کان چار قدم اڳتي وڌي مظاهرين کي گرفتار ڪرڻ ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جهڙا لفظ پڻ چئي رهيا آهن، جنهن مان اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم  تي حڪومت خلاف جمع ٿيل سمورين قوتن ۽ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ ڪيتري قدر نه سنگين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي، ٻئي طرف حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ حالتن جي سنگينيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته وزيراعظم انتهائي سختيءَ سان چئي چڪو آهي ته استعفى ڪنهن به صورت ۾ نه ڏيندس جو منهنجي استعفى ڏيڻ جو ڪو جواز ئي نه آهي، جڏهن ته پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته  مهانگائي عوام جو جيئڻ محال ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ٻئي طرف بلاول زرداريءَ جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت جا آخري ڏينهن پهچي چڪا آهن ۽ ان خلاف تحريڪ هر صورت ۾ ڪامياب ٿيندي، اهڙي گرم صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) نواز شريف جو چوڻ آهي حڪومت خلاف تحريڪ کي مرحلي وار هلائي ان کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچائبو.

مٿي بيان ڪيل صورتحال کي ويتر چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوهه جي اهڙي اظهار جنهن ۾ هُن چيو آهي ته آئين موجب چونڊيل حڪومت جي مدد جاري رکنداسين، جنرل قمر جاويد باجوهه جي اهڙي اظهار کي ڪجهه سياسي حلقا سياست ۾ سڌي سنئين  مداخلت طور تي تصور ڪري رهيا آهن، اهڙن حلقن جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت جي هجڻ نه هجڻ جو تعين عوام ۽ حالتون ڪنديون، جڏهن ته هن وقت عوام تحريڪ انصاف جي حڪومت مان سخت مايوس آهي ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائيءَ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ائين نه ٿئي جو عوام مهانگائيءَ خلاف احتجاج طور ٻاهر نڪري اچي ۽ ملڪ ۾ انتهائي غير يقينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي وڃي جو هن کان اڳ به اسان ڏسي چڪا آهيون ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عوام مهانگائيءَ ڪري روڊ ۽ رستن تي نڪري آيو ۽ سياست جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو.

موجوده سياسي پس منظر کي جيڪا ڳالهه وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳو بڻائي اها آهي، ” ملڪ ۾ هاءِ برڊ جنگ جي شروع ٿيڻ جو اشارو“ جيڪون ڪنهن به طور تي اطمينان بخش نه آهي، شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ فوج خلاف سازش پئي ٿئي، ڪو وڏو ڪريڪ ڊائون ٿي سگهي ٿو، مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته افسوس ملڪ جا ڳجها ادارا وزيراعظم جي جاسوسي ڪري رهيا آهن، پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ قمر الزمان قائره جو چوڻ آهي ته حڪومت جا هوش خطا ٿي ويا آهن ۽ هاڻي مخالف ڌر کي ڌمڪيون پيون ملن وزيراعظم ڪهڙي قانون تحت مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون پيو ڏئي، جڏهن ته ان سلسلي جي هڪ ٻي اهم خبر اها آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه آصف جو چوڻ آهي ته هڪ وفاقي وزير لنڊن فون ڪري ٻڌايو آهي ته ساڻس تحريڪ انصاف جا 15- ميمبر گڏ آهن.

ملڪ ۾ پي ڊي ايم جي تحريڪ  جي اعلان بعد جيڪو منظر نامون جڙي راس ٿيو آهي، اهو تحريڪ انصاف جي حڪومت جي هن انتهائي مهانگائي ۽ خراب حڪومت واري دور ۾ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ تيل تي تيليءَ جهڙو ڪم نه ٿي وڃي، جيڪڏهن اهڙي ڪابه صورتحال جنم وٺي ٿي ته اها انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي جنهن کي ملڪ ڪنهن به طور تي برداشت ڪري نه ٿو سگهي.

اسان ان خيال جا آهيون ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ڀلي عوام جي ڀلي جون ڳالهيون ڪن پر عوام جي ڀلو ٿيندي ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، نه تحريڪ انصاف جي هن حڪومت ۾ ۽ نه ئي وري پيپلز پارٽيءَ ۽ مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومتن ۾ تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت پنهنجي سياسي تدبر جو اظهار ڪري ۽ مخالف ڌر پڻ وري پڻ پنهنجي سياسي ساڃاهه جو اظهار ڪري،  حڪومت مخالف جيڪا به تحريڪ هُجي اها اهڙي ئي نموني هلائي وڃي جو نه ته عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچي ۽ نه ئي عوامي مفادن کي ۽ حڪومت کي پڻ اهڙي ئي طرز عمل جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته مخالف ڌر جي پرامن ۽ آئين ۽ قانون جي دائري اندر هلندڙ تحريڪ خلاف ڪو قدم نه کڻي، عوام اها اميد ڪري ٿو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وسيع تر عوامي مفادن ۾ پنهنجا قدم کڻنديون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.