تبديلي سرڪاري ۾ مزدورن سان گڏ ملازم به پريشان !

شفيق حسين وساڻ 

روزمرھ عام واھپي جي اگھن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي کنڊ، اٽو ، گيهھ , ڀاڄين جا اگهھ به چوٽ چڙھي ويا آھن مزدور طبقو ته ھاڻي ھڪ ويلي ماني کائڻ لاءِ  پريشان  آھي،. مھانگائي جو طوفان آخر الائي ڪٿي دنگ ڪندو . تبديلي سرڪار ته تبديلي آڻي عوام لاءِ سستائپ ۽ روزگار جون سھولتون ڏيڻ جون ڳالھيون ڪيون ھيون پر تبديلي سرڪار غريبن کي يتيم ڪرڻ جو پروگرام رٿيو آھي، هن حڪومت ۾ هاڻي ڏهاڙي مزدورن ۽ پورهيتن سان گڏوگڏ ملازم طبقو به پريشان آھي ڇو ته گذريل بجيٽ ۽ ھن سال واري بجيٽ ۾ ملازمن جون پگھارون مھانگائي جي ڀيٽ ۾ وڌايون نه ويون آهن، جنهن ڪري ملازم طبقو پڻ انتهائي پريشان آهن، هڪ پگهارن جو نه وڌڻ ۽ ٻيو وري  انجي ڀيٽ ۾ شين جا اگهھ سئو سيڪڙو وڌي ويا آهن.. شين جي اگھن وڌڻ سان مارڪيٽ ۾ inflation ٿئي ٿي . ماڻھن ۾ مھانگين شين خريد ڪرڻ جي سگهھ  نه آھي  ڇو ته ماڻھن وٽ پئسو نه آھي روزگار ۽ مزدوري ڪرڻ جا ذريعا Resources به گھٽ پيدا ڪيا ويا آھن ھن تبديلي سرڪار ته عوام جي لاءِ ذريعا پيدا ئي نه ڪيا آھن، جڏهن ته سموريون رعايتون ۽ فائده رڳو سياستدان،  جاگيردارن وڏيرن ۽ ڪارخانيدارن  لاءِ  ئي پيدا ڪري ڏنا ويا آهن.

گذريل ٻن ٽن ڏينھن کان خيبر پختون خواھ جا ملازم هزارن جي انگ ۾ اسلام آباد ۾ گڏ ٿيا آھن، ملازمن کي تبديلي سرڪار ۾ وڏيون اميدون ھيون انڪري گذريل بجيٽ ۾ ملازمن جون پگھارون بلڪل به نه وڌيون پر ويتر بجيٽ ۾ ملازمن جي لاءِ ڪجهھ خاص پيڪيج نه رکيو نه وري 20 کان 30 سيڪڙو پگھارون وڌايون  ويون . جنھن ملازم جو  مڪمل گذر سفر نوڪري تي آھي انهن جا نه ته وري اسڪيل روائيز ڪيا ويا نه ئي پگهارون واڌيون وين آهن .

سنڌ جي ملازمن سان به ساڳئي حالت آھي نه وري يوٽلٽي الائونس ڏنو وڃي ٿو نه وري ميڊيڪل الائونس جيڪو سالن کان 1877 روپيه آهي جيڪو ڊاڪٽرن جي في به پوري نه آھي. خيبرپختون خواه جي ملازمن خيبر پختوخواھ جي وزيرعلي کي ڌرڻو ھڻي پنھنجا جائز مسئلا ٻڌايا آھن بلڪل ملازم به ھن تبديلي سرڪار مان تنگ آھن ڇو ته جيڪو مزدور ڏھاڙي ۾ 500 کڻي ٿو ته هو ان پنج سئو مان اٽي جو ڪلو 75 روپيه وٺي اگر گھر ۾ 7 کان 8 يا وڌيڪ ڀاتي ھجن ته پوءِ يقينن 2 ڪلو اٽو، گيهھ جو ڪلو 150، ڀاڄي صرف پٽاٽن جو ڪلو 100 بصر 80، ٽماٽه ڪلو 200 کائڻ پئيڻ سان ٻيو لاڳاپيل سامان ته ڇا اھو مزدور 500 ڪمائڻ وارو ٻه ويلا پيٽ ڀري ماني کائي به نه سگھندو ڇا اھو تعليم ۽ صحت جون سھولتون پنھنجي ٻارڙن کي ڏئي سگھندو .

ھيءَ سرڪار صرف اميرن لاءِ آھي، امير امير ٿيندو ويندو غريب ويتر غريب ٿي ويندو Haves and haves not  واري تبديلي سرڪار ھن ٿيوري تي عمل ڪيو آھي ھاڻي نوڪري پيشه به ھن تبديلي سرڪار کان تنگ آھي تبديلي سرڪار جو ڪم اصل غريب کي مارڻ وارو پروگرام نه ھجڻ گھرجي پر غربت ختم ڪرڻ وارو هجڻ گهرجي.

مزدورن سان گڏ ملازمن جون مھانگائي جي حساب سان پگھارون وڌايون وڃن اسڪيل روائيز ڪيا وڃن عام واھپي جون به شيون سستون ڪيون وڃن ھڪ ٻئي ڳالهھ ته جڏھن بجيٽ پيش ٿيندي آھي ته ان وقت شين يا اگهھ گھٽايا ويندا آھن يا وري وڌايا ويندا آھن پر ھن تبديلي سرڪار ۾ روز مرھ جي بنياد تي شين جا اگهھ گھٽجن نه ٿا صرف وڌن ئي وڌن ٿا ڪنھن به شيءِ تي ڪنٽرول نه آھي جنھن به مال گڏ ڪري رکيو آھي اھو سرمائيدار طبقو ڪمائي ٿو.

اچو ته ڏسون ته اھو سرمائيدار طبقو ڪير آھي اھو ساڳيا ماڻھو سياستدان به آھن ته سرمائيدار به آھن ته وڏيرا به آھن ته ڪارخانيدار به آھن سڀ شيءِ تي انھن جو ئي قبضو آهي معني منافعي ۽ ڪمائي ڏيندڙ ذريعا Resources به انھن جي ھٿن ۾ آھن پوءِ جئين وڻي عوام جي ابتي سبتي کل لاھين ۽ عوام کي ڪنگال ڪن تبديلي سرڪار کي ملازمن سان گڏ مزدورن تي رحم ڪرڻ گهرجي ۽ کائڻ پئيڻ جون شيون سستون ڪرڻ گهرجن ته جئين مزدور ھاري طبقو ھڪ ويلو پيٽ ڀري ماني کائي سگھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.