وفاق جو سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ۽ عوامي ردعمل..؟

محمد اسماعيل لانگاھ 

جڏھن کان پي ٽي آءِ سرڪار اقتدار سنڀاليو آهي تڏھن کان ملڪ جي عوام جو مقدر ابتو ٿي ويو آهي ملڪ کي رياست مدينه بڻائڻ جون دعوائون ڪندڙ حڪمرانن پنهنجي ذاتي مفادن واري جهيڙي ۾ ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي، هڪ طرف نه ختم ٿيندڙ سياسي تقرار ۽ ڦڏا آهن ته ٻئي طرف وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ائين پيو لڳي ڄڻ ملڪ جو عوام ايٿوپيا يا ڪنهن ترقي پذير ملڪ جي عوام جهڙو هجي.

ملڪ ۽ عوام جي تقدير تبديل ڪندڙ وفاقي حڪومت هن وقت ايتري ته سوڙھي ۽ ڪمزور ٿي وئي آهي جو سندن سڄي سياسي پروپيگنڊه ۽ مشينري صرف مخالف پارٽين ۽ صوبن کي ڪچلڻ لاءِ لڳائي وئي آهي درحقيقت اها به هڪ حقيقت آهي ته ملڪ جي چونڊيل حڪمرانن کي عوام جا ڪم ڪرڻ لاءِ نه پر ملڪ لُٽڻ لاءِ اعلى منصبن تي ويهاريو ويندو آهي، جهڙي ريت موجوده حڪومت کي وڏن وڏن نعرن ۽ خوابن وارو سياسي منشور ڏئي غريب عوام تي ظالم حڪمرانن کي مسلط ڪيو ويو آهي، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ اثر ملڪ جي غريب طبقي مٿان پئجي رهيو آهي.

سنڌ ۽ وفاق جو جهيڙو ختم ٿيڻ بجاءِ روز به روز وڌندو پيو وڃي هڪ طرف پ پ جا پير ڪڍڻ جون ٿيل ڪوششون جڏھن به ناڪام ٿيون آهن تڏھن کان سنڌ ۾ نئين صوبي جو قيام يا ڀنڊار ٻيٽن جهڙن سنڌ دشمن منصوبن جي قيام جي جوڙجڪ ۽ رٿا بندي جون سرگرميون شروع ڪري پي ٽي آءِ سرڪار پ پ سان پنهنجي دشمني کي ايئن وڌائندي رهي آهي جيئن ٻرندڙ باهه تي تيل هارجي. جيڪڏھن وفاق کي سنڌ جي عوام جو ايترو احساس آهي ته سنڌ جي غريب عوام جي ڀلائي لاءِ زرعي وسيلا پيدا ڪري ننڍن شهرن ۾ صنعتون اڏائي غريب طبقي کي جيئڻ جو حق ڏئي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري هن وقت ملڪ ۾ جيڪا صورتحال وفاقي حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي سبب پيدا ٿي آهي اهڙي صورتحال ڪري غريب ماڻهو زهر کائڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن هو مرڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن جيئن کي نه.

عمران خان ملڪ جو وزيراعظم ٿي ڪري اها دعوا ٿو ڪري ته مهانگائيءَ جي مونکي خبر ناهي، اها ڳالهه سندس جي منصب کي بلڪل به زيب نه پئي ڏئي. هن جي وزيراعظم ٿيڻ کان ئي سندس ترجيح عوام جي فلاح ۽ ڀلائي گهٽ رهي آهي، جڏهن ته صوبن سان سٺا تعلق پڻ سندس ترجيح ۾ نه آهن، سنڌ صوبي سان ته سندس دشمني ڄڻ ازلي آهي، وزيراعظم جي اهڙي غير سياسي رويي تي اڪثر ڪري تجزيه ڪار تنقيد پڻ ڪندا آهن.

وزيراعظم شروع ڏينهن کان وٺي ڪراچيءَ کي الڳ صوبي جي حيثيت ڏيڻ لاءِ مختلف بهانن سان ڪراچيءَ کي وفاق جي انتظام هيٺ  آڻڻ لاءِ ڪوششون پئي ڪيون آهن، ان کان پوءِ هاڻي سنڌ جي ٻن سامونڊي ٻيٽن تي مختلف هيلن ۽ بهانن سان قبضي جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن کي سنڌ جو عوام هرگز قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سنڌ جي عوام جو موقف آهي ته اهڙيون ڪوششون سنڌ کي ترقي ڏيارڻ نه پر سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري انهن کي ترقي ڏيارڻ آهي.

پي ٽي آءِ جي ڪابينا کي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي ڪوششن جو جواب سڄي سنڌ جي احتجاج مان چڱين نموني ملي چڪو آهي، وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي  ملڪيت ڀنڊار ٻيٽن تي قبضو ڪري شهر اڏڻ وارين خبرن بعد سڄي سنڌ ۾ هڪ هلچل مچي وئي آهي جنهن ۾ پ پ سميت سنڌ جو هر باشعور ماڻھو توڙي قومپرست جماعتن طرفان ڌار ڌار ڌرڻا هڻي وفاق کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته سنڌ جو هڪ پٿر به وفاق کي نه ڏينداسين  پر وفاق طرفان صدارتي ريفرنس جاري ڪندي سنڌ جي گورنر ۽ پ پ سرڪار کي گڏجي ان معاملي کي سلجهائڻ لاءِ چيو ويو آهي، تازو ڪراچيءَ جي دوري دوران وفاقي وزير شبلي فراز گورنر سنڌ سان ملاقات ۾ اهو معاملو اٿاريو ته گورنر سڌو چئي ڏنو ته اهي ٻيٽ وفاق نه پر سنڌ جي ملڪيت آهن، وفاقي حڪومت هروڀرو بضد آهي ته انهن ٻيٽن تي هڪ وڏو صنعتي شهر اڏي سنڌ کي ترقي ڏيارجي.

سنڌ جي عوام کي وفاق جي ڪنهن به ڏٽي تي اعتبار نه آهي وزير اعظم ٻيٽن بابت جوڙيل اٿارٽي جو ڳجهه ڳوهه ۾ چيئرمين به مقرري ڪري ڇڏيو آهي سنڌ حڪومت سميت  قومپرست سان معاملا حل ڪرڻ جو ٽاسڪ گورنر حوالي ڪيو ويو آهي وفاقي سرڪار سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق جي ملڪيت قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻيٽ اسلام آباد نه کڻي وينداسين، شهر اڏجڻ سان ٻيٽ دبئي کي پوئتي ڇڏي ويندا، روزگار پيدا ٿيندو ۽ آمدني سنڌ کي ملندي، وفاق جو مفاد صرف 50 ارب ڊالرز جي ايندڙ سيڙپڪاري ۾ آهي. وزيراعلي  مراد علي شاه جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري جو پڻ انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ جي ڀنڊاڙ ٻيٽ جي رٿا توڙي راوي ڊولپمينٽ منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ، نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) انور علي حيدر، سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽرين ۽ چيئرمين راوي ڊولپمينٽ اٿارٽي سان گڏ چيئرمين پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين به شرڪت ڪئي.

وزراعظم هائوس جي ترجمان پهريون ڀيرو اهو انڪشاف ڪيو ته ان اجلاس ۾ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين به شرڪت ڪئي، وزراعظم هائوس جي ترجمان جي ان بيان کان اڳ آئلينڊ اٿارٽي جي قائم مقام چيئرمين جي مقرري جو ڪو به نوٽيفڪيشن عوام لاءِ جاري نه ڪيو ويو هو ۽ آرڊيننس وانگر اٿارٽي جي وقتي چيئرمين جي مقرري به اوچتو سامهون آئي آهي  وزيراعظم موصوف  جو چوڻ آهي ته ڀنڊاڙ ٻيٽ منصوبي سان سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا.

سوال هي آهي ته  ڀلا هروڀرو ڪراچي ۾  صنعتون لڳائڻ يا پرڏيهي ڪمپنين کي آڻڻ جو آخر وفاق جو مقصد ڪهڙو آهي جيڪڏھن پ پ جي سنڌ ۾ حڪومت آهي ته ڇا عمران خان آمريڪا جو وزير اعظم  آهي جو سنڌ سان هر موڙ تي دشمني تي  لهي بيٺل آهي سنڌ جي تيل گيس، ڪوئلي سميت ٻين معدني وسيلن مان برابر جو حصو کڻندڙ وفاق هروقت سنڌ جي عوام  کي پ پ کي ووٽ ڏيڻ جي سزا ڏئي رهيو آهي.

ٻيٽن واري معاملي تي سياسي ڇڪتاڻ کي سنگين بڻائڻ جا جيڪي مقصد آهن انهن جو اصل مقصد آهي ڪراچي کي الڳ صوبي جو درجو ڏيڻ جيئن ڪراچي ۽ ان جي اردگرد ٻيٽن تي قبضا ڪري الڳ صوبي لاءِ راهه هموار ڪئي وڃي، جنهن لاءِ ايم ڪيو ايم جهڙي سنڌ دشمن پارٽي کي مرڪز جو حصو بڻائي ويٺل آهي عالمي قانون مطابق ڀنڊار ٻيٽ سنڌ صوبي جي ملڪيت ۾ شمار ٿئي ٿو پر زبردستي کسڻ ڪنهن قانون جي زمري ۾ ناهي وفاق تڙ تڪڙ ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪري قائم ڪيل اٿارٽيءَ لاءِ چيئرمين پڻ مقرر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ اهي سڀئي ڪم ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيا ويا ۽ مڪمل طور تي غير قانوني نموني ڪيا ويا.

وفاق جو چوڻ آهي ته سنڌ جي عوام سان ان واعدي مطابق ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا ته  ڀنڊاڙ ٻيٽ تي 2 شهر آباد ڪري  سنڌ جي عوام جي تقدير تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا بعد ڀنڊاڙ ٻيٽ تي آباد ٿيندڙ شهرن مان  پهريون شهر ڀنڊاڙ ٻيٽ تي اڏجندڙ جامع ماسٽر پلان سان ٺاهيو ويندو، اهو ٻيٽ سنڌ جو حصو ئي رهندو، ان سان سنڌ ۾ ڏيڍ لک نوڪريون پيدا ٿينديون، 40 کان 50 لک پرڏيهي سياح اتي ايندا، ان شهر ۾ وصول ٿيندڙ تمام روينيو (ٽيڪس آمدني) سنڌ حڪومت کي ڏني ويندي، وفاقي حڪومت جي دلچسپي صرف اها آهي ته ان رٿا ۾ 50 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ايندي، وفاق جيڪي  خاطريون ڪرايون آهن سنڌي عوام انهن کي نسورو دوکو سمجهي ٿو ڇو جو هن وقت به وفاق جي انتظام هيٺ 12- سو کان مٿي ادارا آهن جيڪي سڀ جو سڀ نقصان ۾ هلي رهيا آهن، اسٽيل ملز، پاڪستان ريلويز ۽ پي آءِ کي انهن مان هڪ آهي، انهن ادارن ۾ پڻ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، سنڌي عوام جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وفاق کي ٻاهران سيڙپڪاري ئي آڻڻا آهن ته ملڪ ۾ ٻيا به سوين شعبا آهن خاص ڪري ملڪي صنعت جا پيداواري منصوبا ته انهن لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري ڇون نه ٿي آندي وڃي، هاڻي رڳو پاڪستان جو قرض لاهڻ لاءِ سنڌ جا ٻيٺ ئي بچيا آهن جو انهن تي شهر اڏي ان مان ناڻو ڪمايو ويندو، سنڌي عوام وفاق جي ڪنهن به دوکي ۾ اچڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ نه ئي وري پيپلز پارٽيءَ جي ڌوکي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. وفاق جي اهڙين خاطرين باوجود سنڌ سرڪار سميت قومپرستن هن منصوبي خلاف وڏي احتجاج جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ پ پ سرڪار چيو آهي ته وفاق کي سنڌ جو هڪ انچ به نه ڏينداسين

سنڌ ڌرتي جا سامونڊي علائقا هجن يا ميداني رڻ پٽ يا جابلو پٽيون قدرتي وسيلن سان مالا مال آهن جيڪڏھن انهن مان رائلٽي جو هڪ رپيو به سنڌ جي ٻھراڙين تي خرچ ڪيو وڃي ته سنڌ جي غريب ماڻھن جو مقدر تبديل ٿي سگهي ٿو پر پ پ سرڪار جي غلط پرڪارن سبب سنڌ دشمن ماڻھن کي هميشه موقعو ملي ٿو ته هو سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ، جنهن لاءِ ڌاڙيلن جا ٽولا سرگرم ڪري ڪڏھن تيل گئس پاڻي ڪوئلي بجلي ۽ هاڻ سنڌ جي ٻيٽن تي اچي قبضي جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن جو اصل مقصد سنڌ کي ترقي ڏيارڻ نه پر سنڌ کي ٽوڙڻ لاءِ نون شهرن جي اڏاوت ڪري سنڌ کان ڪراچي کسي وڃي ليڪن پ پ پنهنجي ڪرپشن ۽ ڪارن ڪرتوتن ڪري پنهنجي سياسي اڪثريت ته وڃائي چُڪي آهي ايتري قدر جو سنڌ جون ملڪيتون به ڌارين جي يلغار ۽ قبضن ۾ ڏنيون پيون وڃن جنهن جو پ پ سرڪار تي پهريون الزام اهو لڳي رهيو آهي ته هن سنڌ جي ڀنڊار ٻيٽ لاءِ اين او سي جاري ڪئي جيڪا عوامي مزاحمت بعد واپس ورتي وئي آهي.

سنڌ کي ڀنڊار ٻيٽن جي ترقي واري روپ جا سنهرا خواب ڏيکاريندڙ وفاق ۽ سنڌ جي گڏيل جامع منصوبا بندي کي في الحال سنڌ جي عوام رد ڪندي عمل ڏيکاريو آهي ته پ پ ۽ وفاق جي ڳجهھ ڳوھ وارين پاليسين کي قبول نه ڪيو ويندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.