جمهوريت ۽ بليڪ ميلنگ گَڏ نٿا هلي سِگھن!  

 اعجاز احمد ڀيو

ملڪي سياست جي وڏي ۾ وڏي بدنصيبي اِھا به رهي آھي ته اسان وٽ سياست اسٽبلشمينٽ کان شروع ٿئي ٿي ۽ اسٽبلشمينٽ تي ئي ختم ٿئي ٿي. سياست کي عبادت به ڪوٺيو وڃي ٿي پر اسان وٽ ساڳئي عبادت جهڙي سياست ملڪي تاريخ جي 73 سالن جي ڊگهي سفر  باوجود به بليڪ ميلنگ کان اڳتي وِکون ناهي وڌائي سگهي. اِھو ئي ڪارڻ آھي جو گُڊ گورننس ۽ ڊيڊيڪيٽيڊ ليڊرشپ جي کوٽ اڄ تائين  جيئن جو تيئن آھي. ٻيا مسئلا ته هڪ پاسي پر اسان وٽ ”گورننس“ خود هڪ وڏو مسئلو بڻيل آھي جنهن مان ٻِيا اَنيڪ مسئلا پڻ جنم وٺن ٿا ۽  ”بيڊ گورننس“  جو وڏي ۾ وڏو سبب عوام جي ووٽ کي گٽرن ۾ اڇلائي پنهنجي من پسند ماڻھن کي اقتدار جي مسند نوازڻ ئي آھي. سليڪٽ ٿي آيل وزير اعظم کي عوام جي ڳِڻتي نه پر پنهنجي ڪرسيءَ جي لڳل هوندي آھي يا وري پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل هوندو آھي ڇو ته هو سمجهي ٿو ته کائنس هي سڻڀي پوسٽ ڪنهن جي آشيرواد تي مليل آھي. اگر ڪو سليڪٽ ٿي آيل وزير اعظم  نواز شريف جيان ٻه چار چڱا ڪم ڪري عوام ۾ مقبوليت به ماڻي ٿو وٺي ته مٿس ڪرپشن، اقرباپروري، اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ صادق امين نه هجڻ جا الزام مڙھي  نااهل ڪيو ٿو وڃي ۽ وري ڪنهن ٻئي کي نئون خطاب لکي ڏيئي  اقتدار سنڀالڻ لاءِ چيو ٿو وڃي.

ساڳيا ئي مخصوص الزام آھن جيڪي مختلف وقتن تي مختلف سياسي ماڻھن تي مڙھي کين فارغ ڪيو ٿو وڃي ۽ اسٽبلشمينٽ  جي  ٻولي ٻولرائڻ لاءِ وري ڪو نئون گڏو منظرعام  تي آندو  ڃي ٿو . ساڳئي حالت ملڪ جي ٽي دفعا وزيراعظم رهندڙ نوازشريف سان به ٿيندي پئي اچي. ڏٺو وڃي ته پاڪستان مسلم ليگ (نواز) ملڪ جي  وڏي سياسي پارٽي هجڻ سان گڏوگڏ عوام ۾ مقبوليت رکندڙ پارٽيءَ جو اعزاز پڻ رکي ٿي ان لاءِ نواز شريف به هر ڀيري پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ طاقتور ڌرين سان ٽَڪر کائڻ کان  لنوائڻ ۾ سستي نٿو ڪري ۽ وري طاقتور ڌريون به پنهنجي طاقت استعمال ڪري نواز شريف کي  اقتدار مان ڪڍڻ ۾ دير ڪو نه ٿيو ڪن ۽ ميان صاحب کي  اقتدار کان هٿ ڌوئڻ تي مجبور ڪن ٿيون اهو ئي سبب آھي جو  طاقتور ڌرين جي وڏي ۾ وڏي ڪوشش مائنس نواز  فارمولو رهي آھي  ته جيئن پاڪستان مسلم ليگ نواز مان شهباز کي ٽوڙي هن جماعت سان به ايم ڪيو ايم جهڙو حشر ڪجي.

شهباز شريف ”وفادار ڀاءُ“ هجڻ وارو اعزاز وڃائڻ نٿو چاهي ۽  شهباز شريف، نواز شريف سان ايتريقدر وفاداري ڏيکاري آھي جو هڪ نامياري صحافيءَ ڪجه مهينا پهريان اهو اعتراف ڪيو هو ته مائنس نواز فارمولي تي ڪم ڪندڙ ٽولي شھباز شريف کي 9 دفعا وزيراعظم  بڻجڻ جي آفر ڪئي آھي پر هن هر دفعي سخت نتيجا ڀوڳڻ  کي ئي ترجيع ڏني آھي.

نوازشريف به تازو نه صرف  ڊگهي خاموشي ٽوڙي آھي پر هن  عوام سان ٿيندڙ سياست ۽ جمهوريت جي نالي تي بليڪ ميلنگ به وائکي ڪري ڇڏي آھي. نواز شريف سان اختلاف پنهنجي جڳهه تي پر ان ڳالهه کي مڃڻو پوندو ته نواز شريف ٻين وزير اعظمن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خود مختيار وزير اعظم رهيو آھي ۽ هن  طاقتور ڌرين سان  ها ها ۾ ملائڻ بدران پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪيا آھن جنهن جا نتيجا هو ڀوڳي رهيو آھي. نواز شريف جون هاڻوڪيون ڳالهيون ڀلي پنهنجي سياسي غلطين جي تلافيءَ لاءِ هجن،  اِھي ڳالهايون نه پر اهڙيون حقيقتون آھن جيڪي  اسان جي ترقي جي رستيءَ ۾ رڪاوٽ آھن جن کي دور ڪرڻ لاءِ نوازشريف جدوجهد ڪري رهيو آهي،  ملڪ جي ترقي حقيقي جمهوريت، عوام دوست پاليسين ۽ عوام جي ووٽ کي اهميت ڏيڻ سواءِ ممڪن ئي ڪونهي ۽ اسان نه صرف اهڙن ناڪام تجربن ذريعي  عوام کي جمهوريت جي نالي تي استعمال ڪندا پيا اچون پر جناح واري اسلامي جهموريه پاڪستان کي به اڏوهيءَ وانگر کائيندا پيا اچون. اهوئي سبب آھي جو ڀوٽان، نيپال۽ افغانستان  جهڙا  ملڪ به اسان کان اڳتي نڪري چڪا آھن.

هاڻي وقت اچي ويو آھي ته ادارن کي سياسي مداخلت بدران عوامي محافظت ۽ فلاح و بهبود لاءِ پتوڙڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هاڻي نه صرف سياسي ڌرين پر عوام جو موقف به اھو ئي آھي ته  جمهوريت ۽ بليڪ ميلنگ گَڏ نٿا هلي سِگھن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.