وفاق سنڌي سمنڊ جون حدون اورانگھڻ تي عوام کان معافي وٺي

سدا حيات جلباڻي

عمران سرڪار کي ڪيرائڻ لاءِ ٺهيل پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) يارنهن آڪٽوبر تي ڪوئيٽا ۾ رٿيل پنهنجو پهريون جلسو نـ ڪري سگھي آهي. لڳي پيو بحيثيت هڪ سياسي اتحاد جي ملڪي عوام وٽ ان لاءِ مُنڍان ئي ڪشش ڪين هئي. صرف ان ۾ شامل پارٽيون پنهنجي پنهنجي اثر وارن علائقن ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ اڳتي آيون آهن. ان سبب پي ڊي ايم جي جلسي لاءِ صرف تاريخ ۽ هنڌ تبديل نـ ٿيو آهي. گھڻو ڪجهھ تبديل ٿي ويو آهي.

وطن کي اڃان بـ بينظير شهيد جي لهوءَ جي طاقت گھربل آهي. هاڻي  پي ڊي ايم  جو جلسو پيپلز پارٽيءَ جي ميزبانيءَ ۾ ارڙنهين آڪٽوبر تي ڪراچي ۾  ٿيندو اسان کان  اها ڳالهـ  ڪيئن وسرندي  تـ ارڙنهين آڪٽوبراهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن شهيد بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ديس آئي هئي تـ ڪراچي ايئر پورٽ کان شهر ايندي ڪارساز وٽ سندس جلوس تي  وڏو بم حملو ٿيو هو. حملي ۾ ڌڻيءَ جي ڪرم سان شهيد بينظير ڀٽو جي پنهنجي جان تـ سلامت رهي هئي. پر سندس جان نثار وڏي انگ ۾ شهيد ٿي ويا هئا.  پيپلز پارٽيءَ جي ميزبانيءَ ۾ پي ڊي ايم جو ٻيو جلسو شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن 27 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ رکيو ويو آهي. وري بـ بينظير شهيد جي لهوءَ جي طاقت پئي گھرجي.

مٿين ڳالهين ما پڌرو ٿيو تـ سنڌ وارن لاءِ پي ڊي ايم جي گھڻي اهميت نـ آهي. عوام جو سڄو زور وفاق جي چَڪَ مان ڏنگي ۽ ڀنداڙ ٻيٽ کسي وٺڻ تي آهي. يارنهن آڪٽوبر تي ترقي پسند پارٽي گورنر هائوس ۾ لڪي ويٺل “ نفيس ماڻهن” جي يار کي ڇرڪ ڀرائڻ لاءِ ڌرڻي جو پروگرام رٿيو آهي. ان بعد پندرنهن آڪٽوبر تي فشر فوڪ فورم پاران محمد علي شاهـ جي اڳواڻيءَ ۾  ٻيڙيون هڪلي اصل سر زمين ڏنگي ۽ ڀنداڙ ٻيٽن تي احتجاج ٿيندو.

ڌرتيءَ ڌڻين جو جوش ۽ جذبو ڏسي پيپلز پارٽيءَ پڇتاءُ جو دڳ ورتو آهي. اين او سي وارو خط واپس ورتو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ پارٽي جو تازو قدم اهو آهي تـ  اربعا ڏينهن (ست آڪٽوبر)  تي محترمه شازيا عطا مري تحرڪ وٺي، سيد نويد قمر، نواب محمد يوسف ٽالپور، عبدالقادر پٽيل ۽ سنڌ مان قومي اسيمبلي جي ٻين ميمبرن جي ساٿ سان ڏنگي ۽ ڀنداڙ ٻيٽن تي قبضي وارو آرڊيننس (آرڊيننس نمبر يارنهن،  ويهـ سو ويهـ) نامنظور ڪرڻ جو ٺهراءُ  قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ڌرتي ڌڻين جو چوڻ آهي تـ پيپلز پارٽي پنهنجي مٽيءَ سان مڪر ۽ دوکو ڪرڻ جي گناهـ تي عوام کان معافي وٺي.

هوڏانهن وفاقي سرڪار جي ترجمان شبلي فراز ميسڻائي سان چيو آهي “ڇا اسان کي پاڪستاني نه ٿا سمجهو؟” ۽ “ڇا وفاق ڀارت آهي؟ وفاقي حڪومت ٻيٽن تي قبضا نـ،  پر سيڙپڪاريءَ ذريعي ترقي چاهي ٿو. ان سان مقامي ماڻهن کي نوڪريون ملنديون.” ها، قبضا نه، پر سيڙپڪاري ۽ نوڪرين جا ڏٽا. (ڌاڙيل پيا ڳوليون!) اڳ  سنڌ وارا ائين چوندا هئا تـ ڇا اسان کي پاڪستاني نه ٿا سمجھو؟  ته اها خلق منهن ڦيرائي ڇڏيندي هئي.هاڻي انهن کي پاڻ ائين چوڻو پئجي ويو آهي. ڀاڳيا جاڳيا آهن. کين سمونڊ ۽ ساحل جي قدر و قوت  جي پوري پوري ڄاڻ آهي. ڌرتيءَ ڌڻي سنڌڙي جي مهاساگر جي ساحل ۽ وسائل کي هٿ لائڻ نـ ڏيندا. هاڻي نوڪريون ڏيندا تـ ڏنگي ۽ ڀنداڙ ٻيٽن جا اصل مالڪ ڏيندا. ڌاريا ياد رکن تـ سنڌ جون زمينون ھزارين ورهين کان سنڌي عوام جي ملڪيت رھيون آھي. اھي ايندڙ ھزارين نسلن جون امانتون آھن.

ڪريم جي ڪرم سان سنڌ وارا مرشد شاهـ عبداللطيف ڀٽائي جي دعائن ۾ محفوظ آهن. وطن واسين کي سندن وجود ميسارجڻ جي خطرن بابت آگاهي ڏيندي مرشد چوي ٿو: “ملاح تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا.” ڳجھي نموني ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي قبضي جي سلسلي ۾  پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ وارن کي اٿارٽيءَ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ خاطر اشتهار تـ ڏيڻو هو. اشتهار مان ساري ڳجھي ڳالهـ ڦاٽي پئي. شيخ اياز جي هڪ سٽ خوش قسمتيءَ جي ڳالهـ ڪري ٿي: “هو تـ مون کي چتا تي وٺي ٿي ويا، مينهن برسي پيو رات شمشان ۾” ائين جتان ڪٿان ڀاڳيا جاڳي پيا. سڄي سنڌ ڪراچيءَ جي روڊن تي اٿلي پئي.

سنڌ ڪابينا بـ مرشد جي لفظن ۾  “کُهي جا کنيائين وک، تنهن ويجھي ڪئي” پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي صدارتي آرڊيننس کي آئين ۽ قانون جي اُبتڙ قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ وفاقي حڪومت کان لکت ۾ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ دشمن ۽ وفاق دشمن آرڊيننس فوري طور تي واپس وٺي. قومي اسيمبليءَ ۾ بـ سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار سان صدارتي آرڊيننس جي واپسيءَ تائين ڪي بـ ڳالهيون نـ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. برجستي انداز ۾ چيو ويو آهي تـ  وفاقي حڪومت اعتماد ۾ وٺڻ بنا سنڌ ۽ بلوچستان جي  حقن جي لتاڙ ڪئي آهي.

لطيف سرڪار جا ٻـ سر ـ سُر سُريراڳ ۽ سر سامونڊي ـ کاري کيڙائن بابت آهن. “لڳي اتر اوهريا، واهوندي ورن.” سنڌ جي ملاحن لاءِ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ “آئوٽ اسٽيشن” طور ڪم ايندا رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.