بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل پ پ پ جي لياري . . !!

مير ذوالفقار چانڊيو/ سڪرنڊ

جنهن علائقي  يا شھر ڳوٺ ۾ پ پ پ جي اڪثريت ھجي ان ڳوٺ جا رھواسي ھر وقت پ پ پ جي سڏ تي لبيڪ چوڻ وارا جانباز جيالا ھجن ته پ پ پ قيادت انهن ڳوٺن شھرن کي ” لياري ” جو لقب ڏيندي آهي. جھڙي طرح ڪراچي جي ڪنهن علائقي کي لياري جي نالي سان سڏيو ويندو آهي جتي جي اڪثريت آبادي پ پ پ جي ورڪرن جيالن ۾ شمار ٿيندي آهي بلڪل پ پ پ جي اھڙي ھڪ لياري ضلع نواب شاھ تعلقه سڪرنڊ جي اولهھ طرف سنڌو درياءَ ويجهو ڳوٺ پير پريل شاهه” لياري ” آهي جنهن جي آبادي اٽڪل 300 گھرن تي ٻڌل آھي ھن ڳوٺ جا رھواسي سادا سٻاجھڙا 1967 کان وٺي اڄ تائين غريبن جي پارٽي سمجھي ويندڙ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا پيا اچن

انکان علاوه ھن "لياري واسين "جون آمريت خلاف ھلندڙ تحريڪ ايم آر ڊي لاءِ ڏنل قربانيون پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن کان ڪنهن به طرح لڪيل ناھن.

1988 واري اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چئرمين جناب آصف علي زرداري ھن ڳوٺ جي جلسي عام کي خطاب ڪندي هن ڳوٺ سيد پير پريل شاھ کي” لياري ” جو لقب ڏنو ھو پر افسوس ھن جديد دور ۾ ھن ڳوٺ جا رھواسي سوئي گئس، گٽرلائن، پڪين گھٽين سرڪاري اسپتالن جھڙي ضروري سھولتن کان محروم بڻيل آھن وڏي افسوس جي ڳالهه ته لياري واسي زھر کان وڌيڪ ڪڙو کارو گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن. جنهن سبب ٿوري عرصي ۾ ڳوٺ جا چار جوڌا جوان ڪينسر جھڙي موذي مرض سان جھيڙيندي انتقال ڪري ويا آهن ان کان علاوه چار ڳوٺاڻا گردي جي تڪليف ۾ مبتلا ھجڻ ڪري سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن اڪثر ڳوٺاڻا زھريلي پاڻي پيئڻ جي ڪري لاڳيتو عام بيمارين ۾ مبتلا رھن ٿا پر اڄ تايئين ڪنهن به اعلي افسر يان چونڊيل نمايئندي نوٽيس نه ورتو آهي. پ پ پ جي گذريل 12 سالن کان حڪومتي دوئر ۾ پ پ پ جي مقامي قيادت ھن ڳوٺ واسين لاءِ ڪيل خدمتن تي نظر ڪجي ته 12 سالن ۾ ھن ڳوٺ کي ھڪ ھزار فٽ قبرستان جي چوديواري ٻن ڪمرن تي ٻڌل اسڪول جي بلڊنگ، ٻه نوڪريون چار سو فٽ سي سي ملي آهي باقي جيڪڏهن ڳوٺ جي رھواسين کي مليو آهي ته ٺلھا آسرا ڪوڙا واعدا طعنا ۽ مھڻا مليا آهن. ھن ڳوٺ جا جيڪي ڪونڌر پٽ ايم آر ڊي تحريڪ دوران جيل ويا انهن جا پونير اڄ به مشڪل ۽ بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر تعجب ۽ وڏي پريشاني جي ڳالهه اھا آھي ته گذريل 20 سالن کان ايم اين اي اميدوار طرفان ھن ڳوٺ واسين کي ھڪ سر به نه ملي آهي باقي سي سي روڊ نوڪريون ملڻ ته تمام پري جي ڳالهه آهي ھن ڳوٺ جا سادا سٻاجھڙا رھواسي پ پ پ جي اعلي قيادت کان مطالبو ٿا ڪن ته خدارا ھن ڳوٺ جي رھواسين جي پريشانين ۽ مشڪلاتن جو نوٽيس وٺي کين تدارڪ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ھي ڳوٺاڻا پ پ پ کان باغي ٿي ٻئي ڪنهن گروپ ۾ شامل نه ٿي وڃن. ٻئي پاسي ھتان جي چونڊيل نمائندن ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ کي اپيل ٿي ڪجي ته ڳوٺ سيد پير پريل شاهه – لياري – واسين کي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن جيڪو چونڊيل نمائندن جو فرض پڻ آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.