ٿر ۾ وسڪاري باوجود فصل سُٺا نه ٿيا

غازي بجير 

ٿرپارڪر ضلعي ۾ هيل سال سُٺيون برساتون پيون،پر اُهي برساتون اڳاٽيون نه پاڇاٽيون پيون، گذريل چئن پنجن سالن کان ٿر ۾ آڳاٽيون برساتون نه ٿيون پون،اڳ ۾ مئي،جون ۽ جولاءِ جي مهينن ۾ سُٺيون برساتون پونديون هيون ته ساڳين مهينن ۾ ٿري هاريءَ پنهنجيون ٻنيون پوکيندا هئا ۽ فصل اُڀري ايندا هئا،سيپٽمبر ۽ اگسٽ وارن مهينن ۾ فصل اناج تي اچي ويندا هئا،پر هاڻي ماحولياتي تبديلين جي اثرن سبب هرسال برساتون ليٽ پون ٿيون،موسمي تبديلين سبب هن وقت جيڪي برساتون پون ٿيون اُهي ٻنيون پوکڻ واري موسم ۾ نه ٿيون پون ۽ برساتون فصل اناج جهلڻ واري موسم ۾ پئجي رهيون آهن جنهن سبب هتان جي هارين آبادگارن لاءِ ٻنيون پوکڻ به وڏو چئلنج بڻجي ويو آهي،

اهڙي نموني هن سال به برساتون آگسٽ ۽ سپٽمبر ۾ پيون،برساتون پوڻ شرط آبادگارن ٻنيون پوکڻ جو سلسلو شروع ڪيو پر ڄاڻايل مهينن دوران به مڪمل ٿر تي برساتون نه پيون هيون برساتون وري به ٽُڪرن ٽُڪرن تي وُٺيون،جئين ته ننگرپارڪر آڳاٽو وُٺو هو،جنهن بعد مختلف علائقن تي برساتون به مختلف علائقن تي پونديون رهيون،اڳ ۾ برسات بارڊر ايريا وارن علائقن کان شروع ٿيندي هئي ته وڃي اسلام آباد دنگ ڪندي هئي،پر هيل وسڪاري ائين نه ڪيو،مڪمل ٿر ۾ هڪ وقت وسي نه سگهيو،جنهن سبب پاڇاٽين برساتن بعد پوکيل فصل جيڪي اُڀري نڪتا ته وري برسات گهٽ پئي،

ٿر کي جملي 350 ملي ميٽر جي چئن برساتن جي گهرج هوندي آهي،پهرين مئي ۽ جون ۾ برساتون پونديون هيون ته آبادگار ٻنيون پوکائي ڪري وٺندا هئا وري ٻئي برسان جولاءِ ۾ پوندي هئي ته فصل ليڏاڻ تي اچي ويندو ۽ ٽين برسان آگسٽ ۾ ۽ چوٿين سيپٽمبر ۾ پوندي هئي،مطلب ته اِهي چار ئي برساتون ٿر لاءِ مڪمل وسڪاري جو ڪارڻ بڻجنديون هيون،جنهن وچ ۾ فصلن کي مڪمل پاڻي ملڻ ڪري فصل تيار ٿي ويندا هئا،

هن وقت تازو چئن پنجن سالن کان برساتون ليٽ پوڻ ڪري ٿري آبادگار سخت پريشان آهن،جيڪي پاڇاٽين برساتن ۾ ٻنيون پوکڻ جي باوجود اناج اُميدن مطابق نه ٿو لهي،هونئن انگريزن جي قانون موجب آگسٽ جي هر پندرنهن تاريخ تي برساتون نه پوڻ ڪري ٿر پاڻمرادو ڏُڪار ڊڪليئر ٿي ويندو آهي،هاڻي برساتون پون ئي آگسٽ جي پوئين ڏينهن ۾ ٿيون،جنهن سبب آبادگار چون ٿا ته اناج پچي راس ٿيڻ واري موسم ۾ برساتون پوڻ ڪري پوکيل فصل سُٺا نه ٿا ٿين،ٿي به ايئن رهيو آهي،

آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ آبادگارن ٻنيون ته ضرور پوکيون،فصل به اُڀري آيو،پر اُنهي کانپوءِ وري نه برساتون پيون نه وري اُڳي آيل فصلن کي پاڻي مليو،جنهن سبب جيڪو فصل جيترو نڪري آيو اُوترو ئي رهيو مٿي نڪري اناج جهلڻ جيتري طاقت نه رهي،جنهن سبب هارين موجب ته فصل طاقت نه هجڻ ڪري اناج جهلي نه سگهيا آهن رڳو ٻنين ۾ ساوڪ گهڻي ٿي. فصلن اناج گهٽ جهليو،هيل سال جيڪي پاڇاٽيون برساتون پيون اُهي چوپائي مال لاءِ ضرور لاڀائيتون ثابت ٿيون آهن پر فصلن لاءِ نه، هن وقت فصل لهڻ جي موسم آهي پر ٻنين جو ڪو خاص حال نظر نه ٿو اچي،جيڪو ٻنهي جنهن ۾ سئو کان ٻه سئو مڻ ٻاجهر يا گوار ٿيندو هو اُنهيءَ ۾ هاڻي اناج پنج کان ڏھ مڻ به مشڪل سان لهي رهيو آهي جيڪو آبادگارن موجب ٻڄ به واپس نه ٿو وري،هتان جي آبادگارن اڪثر ڪري ٽريڪٽرن ذريعي ٻنيون پوکرايون،ٽريڪٽر به في ڪلاڪ 16 سئو جي حساب سان ورتا،ٻڄ الڳ مهانگي اگھه تي خريد ڪيو ويو،ٻنيون پوکڻ کانپوءِ پوري گهر جي ڀاتين ٻنين تي الڳ محنت ڪئي،عيوض ۾ اُهو محنت به نڪري نه ٿي،باقي هارين موجب ته ٻنيون پوکڻ وقت اسان گوار ٻاجهر سميت ٻيون اناج جنهن ريٽ ورتو اُها هن وقت اُنهي کان گهٽ ريٽ تي واپاري خريد ڪري رهيا آهن،ٿري فصلن جي اگھه به مارڪيٽ ۾ ڪري چُڪا آهن،واپارين جي هڪ هٽي به قائم آهي،برساتي موسم ۾ فائدو وٺندي اُنهن ٻڄ مهانگو وڪري ڪيو ۽ هاڻي خريد ڪرڻ وقت گهٽ اگھه تي خريداري ڪري رهيا آهن پر سرڪار ڪوبه ڌيان نه ٿي ڏي،

چوڻ جو مقصد ته هر سال موسمي تبديلن سبب برساتون وقت تي نه ٿيون پون،برساتون ٻه مهينا ليٽ سان پوڻ ڪري هتان جا آبادگار سخت پريشان آهن،موسمي تبديلن جي اثرن بابت به حڪومت هتان جي ماڻهن کي ڪا به ڄاڻ نه ٿي ڏي،حڪومت کي گهرجي ته موسمي تبديلي جي حوالي سان هتان جي آبادگارن توڙي ٿري ماڻهن کي ٻُڌايو وڃي ته فصل پوکڻ واري ٽائيم بدران فصلن اُڀري اچڻ واري وقت پوندڙ برساتن سبب اُنهيءَ موسم جي حساب سان ٻيو ڪهڙي فصل پوکيو وڃي ته هُو لاڀائتو ثابت ٿئي،حڪومت کي هن طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي،ٿرواسين کي به گهرجي ته موسمي تبديلي کي نظر ۾ رکي ڪري پنهنجي محنت ڪن ته جئين اُها محنت ضايع نه ٿئي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.