مولانا عادل جو قتل امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه  ناليواري عالم مولانا عادل جي قتل جي مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، آرمي چيف چيو ته مولانا عادل جو قتل پاڪستان دشمنن طرفان امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش آهي، هن  ڏوهارين کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سول انتظاميا جي هر ممڪن مدد جي هدايت ڪئي، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان به مولانا عادل جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ عالمن کي قتل ڪرائي شيعا سني وڳوڙ ڪرائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.