پي ٽي آءِ مهانگائي، بيروزگاري ۽ اقتصادي بدحالي کي هٿي ڏني: بلاول

ڪراچي ( رپورٽر  ) پيپلز پارٽي جي چيئرمني بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام ماڻهو پي تي آءِ جي عوام دشمن پاليسن کي چڱي نموني سمجهي  ويو آهي، پي ٽي آءِ کي ان ڪري سليڪٽ ڪيو ويو ته هو ملڪي وقار تي سودو ڪري ميرٽ جو جنازو ڪڍي، چوري جي ووٽن سان ٺاهيل عمران خان جي حڪومت عوام مٿان زبردستي مڙهي وئي آهي،  اهڙي ڳالهين جو اظهار هن گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ ڪراچي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس بعد جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جون عوام ۾ ڪي به پاڙون ناهن، هن پارٽي صرف بيروزگاري، مهانگائي، سفارتي اڪيلائي ۽ اقتصادي بدحالي کي هٿي ڏني، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان جي نااهل ۽ سليڪٽيڊ حڪومت ملڪ ۽ عوام تي هڪ بار بڻجي چڪي آهي، ان کان اڳ جو عوام پي ٽي آءِ کي تاريخ جي ڪچري دان ۾ اڇلائي ڇڏي عمران خان پاڻ ئي اقتدار ڇڏي ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته 18 آڪٽوبر تي يوم شهداءِ ڪارساز جي موقعي تي پي ڊي ايم جو جلسو عوامي ريفرنڊم ثابت ٿيندو، ڪراچي واسين کي 18 آڪٽوبر جي جلسي ۾ پهچڻ لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ ڪراچي ڪو آرڊينيشن ڪميٽي ميمبرن سعيد غني، قادر پٽيل، نجمي عالم، ساجد جوکيو، خالد لطيف، لعل بخش ڀٽو شرڪت ڪئي اجلاس دوران 18 آڪٽوبر تي پي ڊي ايم جي جلسي جي انتظامن بابت جائزو ورتو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.