لياري ۾ صفائي جو ڪم ٺپ، رهواسين جو جياپو تنگ

ڪراچي ( رپورٽر  ) لياري کي صفائي جي معاملي ۾ نظر انداز ڪيو ويو، چائنا ڪمپني پاران فراهم ڪيل 104 پرائيويٽ سينيٽري ورڪرن کي  ڪم کان روڪيو ويو، ان حوالي سان لياري واسين جو چوڻ آهي ته سنڌ سالڊويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ۽ صفائي ڪندڙ چائنا جي ڪمپني وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب لياري جو علائقو گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، ان سلسلي ۾ لياري جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي لياري ۾ پهرين صحت ۽ صفائي جو شديد فقدان هو اتي صفائي ڪندڙ اسٽاف جو ڪل تعداد 275 آهي، صفائي واري عملي جي مدد لاءِ سنڌ سالڊويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران چائنا ڪمپني جي تعاون سان 104 پرائيويٽ سوئپر ڪم تي لڳايا ويا هئا، جن کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، سوئپرن کي ڪم کان روڪڻ بعد لياري جي مختلف علائقن ۾گندگي پکڙجي رهي آهي، هنن چيو ته صدر زون ۽ ڪلفٽن زون ۾ جتي پهرين کان صفائي وارو عملو وڏي تعداد ۾موجود آهي اتي هن ڪمپني پاران وڌيڪ 540 ڄڻن جو اسٽاف لڳايو ويو آهي، ان مان صاف ظاهر آهي ته اختلاف صرف لياري سان آهن، ان سلسلي ۾ وڏو وزير ۽ بلديات وارو صوبائي وزير فوري نوٽيس وٺي ۽ لياري واسين جي تڪليفن کي گهٽائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.