مولانا عادل جي هزارين آلين اکين سان تدفين

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڇنڇر ڏينهن قتل ڪيل مولانا ڊاڪٽر عادل کي سندس والد مولانا سليم الله جي پيراندي ۾ دفنايو ويو، حب رور  روڊ تي واقع جامعه فاروقيه فيز 2 ۾ مولانا عادل ۽ سندس ڊرائيور مقصد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي ڌرين،  عالم سڳورن ۽ طالبن سوڌو سون جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.  جنازي نماز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، شيخ الحديث مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي جنازي نماز سندس وڏي ڀاءُ مولانا عبيد الله خالد پڙهائي، پيپلز پارٽي جي سعيد غني، راشد محمود سومرو ۽ ٻين مولانا جي تڏي تي پهچي تعزيت پڻ ڪئي، ٻئي پاسي وفاق المدارس العربيا پاڪستان جي اڳواڻن مولانا عبدالرزاق سڪندر، مولانا نورالحق ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ مولانا ڊاڪٽر عادل خان جي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته  قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، هنن چيو ته مولانا جي قاتلن کي وائکو ڪري قتل جا سبب قوم آڏو رکيا وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.