مولانا عادل قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، جوابدارن جا فوٽيج جاري

ڪراچي: مولانا ڊاڪٽر عادل خان ۽ سندس ساٿي کي قتل ۾ استعمال ڪيل هٿيار مان نڪتل خول فرانزڪ ليباٽري مان چيڪ ڪرايا ويا، جاچ  پوليس ذريعن موجب مولانا عادل تي نائن ايم ايم پسٽل استعمال ڪيو ويو، اهو هٿيار پهريون ڀيرو استعمال ڪيو ويو ، پوليس موجب مختلف هنڌن تي لڳل سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪيا پيا وڃن، واقعي واري هنڌ جي جيئوفنسنگ به ڪئي وئي، اکين ڏٺل شاهدن جا به بيان قلمبند ڪيا ويا، واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم پسٽل جا 5 خول مليا هئا، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران پتو پيو ته مولانا عادل خان ڪورنگي جي دارالعلوم تي سج لٿي جي نماز ادا ڪرڻ بعد روانو ٿيو، 7 لڳي 36 منٽن تي شاهه فيصل ڪالوني پهتو ته چئن منٽن کانپوءِ سندس گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي، ذريعن موجب هٿياربندن ڪورنگي دارالعلوم کان مولانا عادل جي پويان ويا، شاهه فيصل تي کيس نشانو بڻايو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس مونالا عادل جي پٽ انس جي بيان جي روشني ۾ داخل ڪيو ويندو. پوليس فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جا سي سي ٽي وي فوٽيج جاري ڪري ڇڏيا، جنهن ۾ جوابدارن کي موٽر سائيڪل تي مولانا جي گاڏي جو پيڇو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.