سکر ۾ مولانا عادل جي قتل ۽ مهانگائي خلاف جي يو آءِ جو ڌرڻو

سکر( رپورٽر)جي يو آءِ يونٽ شرف آباد پاران وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي ٻيٽن تي ناجائزقبضي جي ڪوشش ، بي پناهه مهانگائي ۽ ڪراچي  ۾ ممتاز عالم دين مولانا عادل خان جي وحشياڻي قتل  جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي مولانا عبدالفتاح، قاري عطا الله عباسي، حافظ عبدالحق رند ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙن ٻيٽن تي قبضن ، بدترين مهانگائي ۽ مولانا عادل خان جي وحشياڻي قتل جي واقعي ۽ وفاقي حڪومت جي خلاف شديد نعريبازي ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙن کي خطاب ڪندي جي يو آءِ اڳواڻن وفاقي حڪومت پاران سنڌ جي حق ملڪيت، ٻيٽن تي جابراڻي قبضي جي لاءِ صدارتي آرڊيننس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته جي يو آءِ ڪارڪن ان جي خلاف ڀرپور احتجاج ۽ مزاحمت ڪري سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جي حفاظت ڪندا، اڳواڻن چيو ته تبديلي سرڪار جي ٻن سالن ۾ بدترين مهانگائي ۽ وڌندڙ بدامني سليڪٽڊ حڪومت جي ناڪامي ۽ نااهلي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.