مهانگائي خلاف ايڪشن ٿيندو: پرويز خٽڪ

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته فضل الرحمان پهرين نه ن ليگ ۽ پ پ جي ڪري شرمسار ٿيو،  هاڻي به ٿيندو، وزيراعظم جي هدايت تي هٿرادو مهانگائي ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ايڪشن کنيو ويندو، هن چيو ته حڪومت اپوزيشن جي جلسن ۽ تحريڪ کان ڊڄڻ واري ناهي

پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڪڻڪ ذخيرو پيا ڪن: اويس قادر شاهه

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته ميڊيا رپورٽن مطابق  پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث آهن، اٽي، کنڊ بحران جي ذميواري پي ٽي آءِ آهي، الزام سنڌ حڪومت تي هڻي ڇڏين ٿا، هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي قيادت جي ناڪامي جو بار پ پ تي نه وجهن، حڪومت رڳو ٽوئيٽر ۽ پورٽل سان ناهي هلندي،  عوام ۾ وڃڻو پوندو آهي، هن چيو ته عمران خان قيمتون چيڪ ڪرڻ جو ڪم ٽائيگرن کي ڏيڻ بدران پاڻ به ڪجهه ڪري،

تعميرات جي شعبي ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو

اسلام آباد (م ڊ) تعميرات جي شعبي ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾  هلندڙ مالي سال جي  پهرين ٻن مهينن ۾ گذريل سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. حڪومت طرفان تعميرات صنعت لاءِ مراعاتون ۽ آڇون ڏيڻ جي نتيجي ۾ تعميراتي سرگرمين ۾ نمايان تيزي اچي رهي آهي ۽ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ سيمنٽ جي رڪارڊ کيپ کان ان جو نجوبي اندازو لڳايو سگهجي ٿو.

اسٽيٽ بئنڪ جي اسڪيم تحت 16 لک ملازمن جي روزگار کي تحفظ فراهم

اسلام آباد (م ڊ)  ڪورونا وائرس جي وبا دوران روزگار جي تحفظ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ جي اسڪيم  تحت هيل تائين 16 لک 13 هزار 164 ملازمن جي روزگار کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلات ۽ بي روزگاري روڪڻ لاءِ هي اسڪيم متعارف ڪرائي. اسڪيم تحت ڪاروباري ادارن کي مستقل. ڪنٽريڪٽ ۽ ڏياريدار سميت هر قسم جي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ سستي قرض حاصل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.