مهانگائي بي لغام، حڪومت جو نالو نه نشان، اٽي جو بحران سنگين ٿي ويو

اسلام آباد(م ڊ) سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن سبب شهرين کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، لاهور ۾ اٽي بحران سبب تندور مالڪن ماني جو اگهه وڌائڻ جو  فيصلو ڪيو آهي،  جنهن سبب اڄ کان ماني جي قيمت 10 رپيا ڪرڻ جو امڪان آهي، نان بائي ايسوسيئيشن جي صدر چيو ته 8 رپيا ماني جي قيمت وڌائڻ مجبوري آهي، ناقص ڪوالٽي اٽي جي 15 ڪلو جو ٿيلهو به 950 رپين کان به وڌي وئي آهي جڏهن ته 860 رپيا ملندڙ 20 ڪلو جو بيگ ڪٿي به دستياب ناهي، پشاور ۾ به اٽي جي وڌندڙ اگهه سبب شهري پريشان آهن، شهري شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي جمع ڪري 20 ڪلو جو ٿيلهو 860 رپين ۾ مخصوص ڊيلرن کان خريد ڪن ٿا، جڏهن ته کنڊ، ٽماٽن، بصر، آنن، ڪڪڙ جي گوشت، پٽاٽن، دال چڻا، چانورن، ڏهي، ٿوم جي اگهن ۾ به واڌ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.