ڪنڊياري ۾ بدامني، واپاري کان لکين رپين جي ڦر، مزاحمت تي زخمي

ڪنڊياري(ن ع آ) ڪنڊياري شھر ۾ چور ۽ ڦورو ٻرن مان نڪري آيا جنهن ڪري ڪنڊياري جي واپاري ديوان ڪرشن مل کان شھر جي  ٽائون ڪميٽي  پاڙي مان ٽي نامعلوم ھٿيار بندن پاران چار لک رپيه ڦر ڪرڻ دوران  مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن ھٿان سيٺ سميت ھڪ ڄڻو موتي ولد ڏيپو مل کي پسٽل جي بٽن سان زخمي ڪري ڦرار ٿي ويا جڏهن ته واقعي واري ھنڌ ڪنڊياري ۽ پيرومل پوليس ھڪ ڪلاڪ بعد پھچي اکين ڏٺي شاھدن کان تفصيل معلوم ڪيا امير علي شاهاڻي ايس ايڇ او‎ چيو ته ڏوهارين کي جلد گرفتار ڪري سيٺ سان انصاف ڪيو ويندو ،زخمي سيٺ ڪرشن مل ٻڌايو ته ٽي نامعلوم ڦورو موٽرسائيڪل سوار سامهون کان اوچتو اچي مون کان مرادي واري ڪپڙي جي ٿيلهي جنهن ۾ رڪارڊ دڪان جو ۽ چار لک رپيا ڦريا ۽ ڌڪ هنيا، زخمن جي ڪري آئون بيهوش ٿي ويس ۽ ڦورو فرار ٿي ويا.

بدين جيل ۾ ڪچو قيدي پوليس تشدد ۾ فوت، احتجاج

بدين (رپورٽ: رازق ڏنوکوسو)بدين جيل ۾ ڪچو قيدي پوليس تشدد ۾ فوت ٿي ويو وارثن جو جيل اڳيان احتجاجي مظاهرو پئسا نه ڏيڻ  تي پوليس تشدد ڪري ماريو آهي وارث تفصيل موجب بدين جي ملاح محلا جو رھواسي اڪبر ولد عرس ملاح جنهن کي 15 ڏينهن اڳ بدين پوليس چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ھو جنھن کي چرس ۾ چالان ڪري بدين جي ڏاروڙو جيل موڪليو ھو جتي جيل اندر پوليس سخت تشدد ڪري کيس ماري ڇڏيو ۽ اھڙو اطلاع صبح جو مائٽن کي ڏنو ويو جيڪي جيل پھچي ويا آهن ۽ جيل انتظاميا لاش آخري اطلاعن تائين وارثن حوالي نه ڪيو ، جنھن خلاف وارثن صادق ملاح اسلم ملاح ما۽ لالي ملاح ۽ پيءُ عرس ملاح سخت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته سندس نينگر ملاقات دوران ٻڌايو ھو ته جيل انتظاميا پئسا گهري رھي هئي ۽ پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون،وارثن موجب پئسا نه ڏيڻ جي ڪري کيس جيل پوليس قتل ڪيو

سنڌ سنگت ڪائونسل جو اجلاس، ٻيٽن تي قبضو رد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سنڌ سنگت  ڪائونسل جو اھم اجلاس حيدرآباد جي مقامي شادي هال ۾ سنڌي ادبي  سنگت شاخ جهول جي ڪائونسلر نوجوان شاعر نور چاڪراڻي جي صدارت ۾ ٿيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ايوب کوسو ، آڊيٽر بخشل باغي ، پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو ۽ مختلف شاخن جي 200 کان وڌيڪ سيڪريٽرين ، ڪائونسلرن ۽ ضلعي رابطہ سيڪريٽرين تاج جويو ، ادل سومرو ، اختر درگاهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي ٻہ سالا ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو تہ سنڌ ادبي سنگت کي هڪ رکڻ لاء اسان هميشہ ڳالهين جا دروازا کليل رکيا آھن ۽ ان تي عمل بہ ڪيو آھي جن الڳ ڌڙو قائم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آھي انهن لاء اڄوڪو هي اجلاس ريفرينڊم ثابت ٿيو آھي اسان جيڪي آدرش ۽ نوان خواب کڻي آيا هئاسين انهن جي تڪميل نئين چونڊجي آيل قيادت ڪندي  ، سنڌي ادبي سنگت هميشہ سنڌ جي قومي مسئلن تي سياستدانن جي رهنمائي ڪئي آھي ۽ سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هميشہ اثرائتو ڪردار ادا ڪيو آھي .اجلاس ۾ مالياتي رپورٽ جي منظوري ڏيندي اطمنان جو اظهار ڪيو ويو ، ان موقعي تي صدر پاڪستان پاران ڀُنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ تي والار لاء جاري ڪيل آرڊيننس کي يڪراء رد ڪيو ويو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.