”صدارتي آرڊيننس نامنظور“ مختلف شهرن ۾ قومپرستن، اديبن، سول سوسائٽي جا مظاهرا، ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي بابت جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس خلاف سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به ڌرتي ڌڻي روڊن تي نڪري آيا، اديب، دانشور، شاعر، سياسي سماجي  اڳواڻ توڙي سول سوسائٽي جي نمائندن جي اڳواڻيءَ ۾ ڌار ڌار احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا، جنهن ۾ پي پي پي جي حڪومت خلاف، صدارتي آرڊيننس نامنظور، نامنظور، سنڌي ٻولي، ڪلچر، ٻيلن ۽ ٻيٽن تي قبضا نامنظور جا نعرا هنيا ويا، ادبي سنگت شاخ سٽي لاڙڪاڻو جي سيڪريٽري عزيز قاسماڻي، اڳوڻي ضلعي رابطا سيڪريٽري ستار هليو، ناياب سرڪش سنڌي، احمد علي صابر چانڊيو، استاد خالد چانڊيو، حبدار ٽوٽاڻي، عزيز نواز هليو، ڊاڪٽر طارق سومرو، شمس چانڊيو، انعام گل سانگي، سعيد سيال، سليم عباسي، سارنگ شيخ، نظير قريشي، خان غفار خان، سجاد گاڏهي، رفيق سومرو، حفيظ چانڊيو، وقار چانڊيو، بشير مرکياڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو پاران  ضلعي صدر محمد زبير جتوئي، غلام رسول عمراڻي، فقير حبيب پتوجو، امتياز گاد، ذوالفقار جوکيو، وريام چنا، لياقت علي عمراڻي، وحيد جوڻيجو، غازي خان، آپا پروين چانڊيو، برڪت علي گاد، محمد سليم چنا، عبدالستار جاگيراڻي، سنڌ نيشنل پارٽي پاران شهر جي ڀينس ڪالوني مان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا کڻي نعريبازي ڪئي،.  اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو عوام آئيني، صوبائي خودمختياري، تاريخي ۽ قدرتي وسيلن تي راتاهي کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪندو، سڪرنڊ ۾  جسقم ضلعي نواب شاهه جي صدر علي رضا خاصخيلي ، مسعودشاھ ، مورڙو ميربحر ، برڪت جلباڻي ، جسم اڳواڻ جاويد عمراڻي ، سماجي اڳواڻ غلام علي ڪيريو ۽ ٻين شاهپورجهانيان ۾ عبدالفتاح ٻگهيو، عبدالوحيد ڏاهري، محمد ياسين آرائين، عادل لغاري، ظفر ٻگهيو، نذير ڏاهري، سيف سنڌي، اختيار ڏاهري ۽ ٻين بوزدار وڏا ۾ مير ڪاشف ٽالپر ،مير حسن بوزدار ،مير هدايت ٽالپر ،خالق ڏنو خاصخيلي ،وقار پنهيار مير ڪاشف ٽالپر اعجاز پنهيار، معشوق ڪورائي، سليم رضا ابوپوٽو، آڪاش پنهيار، رمضان قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيٺارجا ۾ سول سوسائيٽي جي ڪارڪنن پاران اعجاز احمد سهتو، مسرور سولنگي، حنيف ڌاريجو، علي عبدالله، عرفان سهتو، افضل ڪٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو مرڪزي خزانچي نعيم ملڪ، عاشق دادوي، رابطا سيڪريٽرين آغا ظفر، محبوب سنڌي، صائب ميمڻ ۽ شفيع چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئيرتوديرو ۾ عبدالقادر جاگيراڻي ، ساقي راشد ابڙو ، ملھار سنڌي ، ايم بي ابڙو ، بدر الدين ابڙو ، سيد عابد شاھ ، مکي اشوڪ ڪمار ۽ ٻين سيوھڻ ۾ اڪبر ملاح، محمد بخش رند، صفدر نجفي، اصغر سولنگي، آزاد منصور چنه مظهر جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي اوڀر ۽ ملير مان پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن حاجي بگن خاصخيلي،ڪامريڊ سليم راجپوت، چاچو نظير لاشاري، حبيب گل حمايتي، منان چانڊيو، ڊاڪٽر رئوف مغيري، سليم بٽ،طارق سيال، ايڊوڪيٽ وسيم پاشا،۽ ٻين سچل ڳوٺ مان  ريلي ڪڍي وفاقي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيدي چيو ته سنڌ جي ٻيٽن بابت سنڌ حڪومت جي ٻٽي پاليسي کي به برداشت نه ڪيو ويندو جڏهن ته شھدادپور ۾ ساس شھدادپور شاخ جي سيڪريٽري خادم لاکو. ڪائونسلرنيازجاني ڏيٿو.سجاد شاه راشدي.اسلم آزادخاصخيلي.اظھر پٺاڻ.انجم ٻگهيو.ماهرتعليم عبدالحئي سومرو.عبدالله چانڊيو.صوفي عالم ڏاهري ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾  راضيديري ۾  يوٿ فورم جي اڳواڻن قمبر سومرو ، علي رضا جکڙ، راجا وسيم ميمڻ، عارف علي جکڙ،  عمران علي منگي ، سيد سچل شاه بخاري ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ تنگواڻي ۾ جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو، طالب لهر،حفيظ مگسي، روپلو ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خيرپور ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪسان طرفان مير منور ٽالپور ،فياض خميساڻي ، ڪامريڊ اقبال احمد ، ڏامرو مل، نورا حمد تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، مير منور ٽالپور خطاب ڪندي چيو ته وفاق طرفان آرڊيننس ذريعي صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ خطرناڪ عمل آهي  جنهن سان صوبن ۾ نفرتون جنم وٺنديون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.