ڪنهن به سرڪاري شخصيت جو ڪرپشن اسڪينڊل ناهي آيو: شاهه محمود

ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته مخالف ڌر کي ملڪ جي ترقي هضم ناهي ٿي رهي، مخالف ڌر جي رڪاوٽن باوجود ملڪي ترقي جو سفر جاري رهندو. پاڪستان کي غيرمستحڪم  ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ڪجهه ماڻهو انهن سازشن جو حصو بڻجي ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو افتتاح ۽ عوامي رابطا مهم جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن ملڪي دولت لٽي ۽ پرڏيهه ۾ جائيداد ٺاهي. تحريڪ انصاف جي حڪومت کي 2 سال ٿي چڪا آهن. اسان جي حڪومت جي ڪنهن به عهديدار جو ڪو به ڪرپشن اسڪينڊل اڃا تائين سامهون ناهي آيو،

دشمن امن خراب ڪرڻ جي سازش تيار ڪري چڪا: محمد حسين محنتي

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته دشمن ملڪ پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال کي بدترين ڪرڻ جي رٿابندي ڪري چڪو آهي،قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سيڪيورٽي  فورسز بنا دير دهشت گرد عناصر کي گرفتار ڪن ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين اهڙي قسم جي واقعن کان بچي سگهجي، جاري ڪيل پنهنجي پريس بيان ۾ محمد حسين محنتي جامعه فاروقيه ڪراچي جي سربراه ناليواري ديني عالم ڊاڪٽر عادل خان جي شهادت تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي ان کي امن دشنن جي فرقيوارنا فساد ڀڙڪائڻ جي سازش قرار ڏنو،هن چيو ته اهڙيون ڪارروائيون سنڌ جي امن امان کي تباه ڪرڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.