” مرسون مرسون ٻيٽ نه ڏيسون“ نعرن جي گونج

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق طرفان والار خلاف اعلانيل ريلي ملير سٽي کان ايس ٽي  پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ گورنر هائوس طرف رواني ٿي ،ملير سٽي تي ايس ٽي پي پاران قائم ڪيل ڪيمپ تي هزارين ڪارڪنن ۽ ڌرتي ڌڻين ٻيٽن تي والار خلاف نعريبازي ڪئي، مرسون مرسون ٻيٽ نه ڏيسون جي نعرن سان ڪارڪنن ڊاڪٽر قادر مگسي جو استقبال ڪيو مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي، جڏهن ته بدين، ٺٽو، ٽنڊو محمد خان، سجاول، گهارو، ميرپور ساڪرو، گهگهر، گلشن حديد، ابراهيم حيدري، رزاق آباد سميت مختلف علائقن مان ڪارڪن قافلن جي صورت ۾ ڪيمپ تي پهچي ريلي ۾ شريڪ ٿي ويا، جنهن بعد هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ گورنر هائوس طرف ريلي رواني ٿي، ان کان اڳ ملير سٽي ڪيمپ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا ٻيٽ ڌرتي ڌڻين جي ملڪيت آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.