ايران مان موٽندڙ ڪراچي واسي 6 زائرين بلوچستان مان اغوا

ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان جي ضلعي پنگجور ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ايران مان ايندڙ 6 زائرين کي اغوا ڪري ورتو. پنجگور جي اسسٽنٽ  ڪمشنر امجد سومري موجب پنجگور ۾ عيسيٰ زئي واري هنڌان اڻڄاتل هٿياربند ڪار سوار ايران کان ايندڙ زائرين جي گاڏي کي هٿيارن جي زور تي روڪيو ۽ گاڏي ۾ سوار 6 ڄڻن کي پاڻ سان گڏ وٺي فرار ٿي ويا، جڏهن ته اغوا ڪندڙن زائرين سان گڏ موجود ٻن عورتن کي ڇڏي ڏنو.واقعي کانپوءِ مقامي انتظاميا پهچي تفصيل گڏ ڪيا ۽ ڪيس داخل ڪري ورتو، جڏهن ته اغوا ٿيلن جي ڳولا جاري آهي.مغوي زائرين جو واسطو ڪراچي سان هو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي،  پر اڃا تائين ڪا گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال واقعي جو نوٽيس وٺندي گهرو کاتي، آءِ جي پوليس ۽ مڪران ڊويزن ڪمشنر کان رپورٽ گهري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.