سکر ۾ 8 ورهين جي نياڻي سان جنسي ڏاڍائي، ڪيس داخل نه ٿيو

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ايوب گيٽ ويجھو ٽڪر محلي جي رھواسڻ 8 ورھين جي نينگريءَ سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي آھي،  جنھن جي وارثن اھڙو اطلاع حد جي بي سيڪشن پوليس کي ڏنو، پر پوليس ھن وقت تائين الزام ھيٺ آيل نينگر کي گرفتارنه ڪري سگهي آهي، نينگري جي والد ذوالفقار عباسيءَ جو چوڻ آھي ته معصوم نياڻيءَ کي جوابدار اساما عباسيءَ طرفان زبردستي زبردستي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو آھي، پوليس ته ڪارروائي ناھي ڪئي، بااثر ماڻھن اسان کي خاموش ڪرڻ جي لاءِ گھر تي چڙھائي ڪري عورن تي تشدد ڪرڻ سان گڏ اسان کي حراسان ڪيو آھي. ھن پوليس جي اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.