اوٻاوڙو: ڀائيٽي تي چاچي سان زيادتي جي ڪوشش جو الزام

اوٻاوڙو (رپورٽ: بشير احمد ملڪ ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ چنالي چاچڙ جي رھواسي نوجوان گل حسن چاچڙ نيشنل پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج  ڪندي چيو ته رت جي رشتن مان غيرت موڪلاڻي ويئي آهي سڳي ڀائيٽي عبدالحڪيم چاچڙ منهنجي گھر واري صغران جون وھنجڻ دوران اعتراض جوڳيون تصويرون ڪڍي کيس ناجائز تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ بليڪ ميل ڪندو ھو ٻي صورت ۾ تصويرون وائرل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو ھن وڌيڪ چيو ته مون کي زال صغران روئيندي ٻڌايو ته تنهنجي ڀائيٽي عبدالحڪيم منهنجي وھنجڻ دوران اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيو ٺاهي مونکي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ، ھن پنھنجي ننڍي ڀاءُ بشير احمد سان ملي گھرن ٻاھران فصل ۾ ڪم دوران پسٽل جي زور تي زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي  جنھن تي منهنجي گهر واري صغران چاچڙ دانھون ڪيون آءُ ۽ ٻيا ڳوٺ وارا به پھچي ويا جنهن تي جوابدار فرار ٿي ويا ، واقعي بابت ڪمون شھيد پوليس چوڪي ۽ اوٻاوڙو ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ۽ رپورٽ درج ڪرائي پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي ،انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪائيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.