مومل ميگهواڙ ڪيس ۾ بي گناهه ماڻهن کي ڦاسائڻ خلاف ڌرڻو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مومل ميگهواڙ آپگهات معاملي ۾ بي گناھ ڳوٺاڻن کي ڦاسائڻ خلاف دل برادري جي سوين ماڻھن جو مٺي ۾  مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،اڳوڻي يو سي چيئرمين عبدالرحمان دل،صديق دل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دل برادري جي سوين ماڻھن بلاول پارڪ کان ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،مظاهري کي خطاب ڪندي صديق دل،عبدالرحمان دل،درياخان دل،سرفراز،ميرمحمد ۽ اويس دل سميت ٻين چيو ته مومل ميگهواڙ آپگهات واقعو هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو آھي ۽ جنهن جي جوابدار آدم دل کي اسان واقعي جي پهرين ڏينهن ئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آھي.  ۽ پوليس جاچ جاري آھي،پر متاثر ڌر سان سکڻي همدردي رکندڙ چند ماڻھو اصل جوابدارن  بدران برادري جي  بي گناھ ماڻھن کي   بلا جواز ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان گڏ دل برادري جي معزز ڳوٺاڻن خلاف شوشل ميڊيا تي گند اڇلائي رهيا آھن،جيڪا دل برادري سان زيادتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.