جماعت اسلامي سنڌ جي وحدت تي وار قبول نه ڪندي: عبدالحفيظ بجاراڻي

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي  جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق جي قبضي ۾ ڏيڻ واري صدارتي آرڊيننس خلاف ڦوھارا چوڪ ڪراچي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران رٿيل ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيوته آھي  جماعت اسلامي صدارتي آرڊيننس جي مذمت ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪنھن بھ سازش کي قبول ڪونھ  ڪندي، پيپلزپارٽي جيڪڏھن واقعي سنڌ سان مخلص آھي تھ بيان بازي ۽ ڊرامي بازي کي بندڪري ان غير آئيني آرڊيننس خلاف فوري طور تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري صدارتي آرڊيننس خلاف قرارداد منظور ڪرائي، آئنده  احتجاج پارليامينٽ ھائوس اسلام آباد ۾ ٿيڻ گھرجي تھ جيئين ايوان صدر کي معلوم ٿئي تھ سنڌ جو عوام ھاڻي سجاڳ ۽ پنھنجي حقن تي ڪنھن بھ قسم جي سودي بازي ڪرڻ ڪونھ ڏيندي. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاھد چنا پڻ ساڻس گڏ موجود ھو، جڏھن تھ ڌرڻي جو آغاز مجاھد چنا جي تلاوت قرآن پاڪ سان ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.