ڪشمور ڀرسان ٻن ڌرين ۾جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2زخمي

ڪشمور (ڊر) ڪشمور ڀرسان مزاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران  هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڳوٺ سيلاچي مزاري  ۾ جورڪاڻي مزاري قبيلي جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي تڪرار تان  جهيرو ٿي پيو، جنهن دوران ڌرين ھڪ ٻئي مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب 18 ورھين جو نوجوان ھزار خان مزاري قتل ٿي ويو،  2 ڄڻا مٺا مزاري ۽ جاويد مزاري زخمي ٿي پيا، مارجي ويل نوجوان جو لاش سول اسپتال ڪشمور مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،  پوليس طرفان جهيڙيندڙ ڌرين خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.