مهانگائي آهي، اپوزيشن جي تحريڪ دوران دهشتگردي ٿي سگهي ٿي: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن وارا جلسا ڀلي ڪن، قانون هٿ ۾ کنيو ته انهن سان گهٽ نه ٿيندي، هڪ  نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اهي عمران خان جو ڪجهه نٿا ڪري سگهن، حڪومت تي ڪو به دٻاءُ ناهي، پ پ انهن کان الڳ ٿي ويندي، هن چيو ته حڪومت هٿ تي هٿ ڏئي نه ويهندي، اپوزيشن جي جلسن دوران ڪورونا به ڦهلجندي ۽ دهشتگردي جو واقعو ٿي سگهي ٿو، چئن مهينن ۾ مون سميت ڪو  به شخص مارجي سگهي ٿو، هن چيو ته مهانگائي گهٽائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي، مهانگائي اسان جي دشمن آهي، وزيراعظم کي ٽي وي ڏسڻ گهرجي اتي ڀاڄين، دال، کنڊ جا اگهه هلي رهيا آهن

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.