پ پ پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ ۽ تحريڪ هلائڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) پاڪستان پيپلزپارٽي، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضن خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻڻ، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ صدارتي آرڊيننس خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪري  ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس ڪالهه حيدرآباد ۾ پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي راول هائوس تي ڪوٺايو ويو، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي اڳواڻن، صوبائي وزيرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ رٿيل عوامي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف اڳواڻن توڙي صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن تي ذميواريون رکيون ويون، جڏهن ته اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق جي والار خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان ڪندي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته موجوده عمران سرڪار خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو، اجلاس بعد پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ سينيٽر مولا بخش چانڊيو، پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه، صوبائي وزير اطلاعات ناصر شاهه، ايم اين اي نفيسا شاهه ۽ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس دوران صوبائي وزير اطلاعات سيد ناصر حسين شاهه  ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي والار بابت ڳالهائيندي چيو ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ وفاق سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري غير آئيني ۽ غير قانوني قدم کنيو آهي، جنهن خلاف پيپلزپارٽي طرفان سنڌ اسيمبلي مان قرارداد منظور ڪرائي ويندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به ٻيٽن تي وفاق جي غير قانوني ۽ غير آئيني قبضي جي خلاف احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته علامه ڊاڪٽر عادل جي شهادت وڏو سانحو آهي، جلد علامه ڊاڪٽر عادل جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو. نثار کهڙو چيو ته عمران خان ڳالهائيندو پهرين آهي ۽ سوچيندو پوءِ آهي، مولا بخش چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي حڪومت نااهل ۽ بدنصيب حڪومت آهي، اڄ اپوزيشن روڊن تي اچي پئي جنهن جي ذميوار نيازي سرڪار آهي. هن چيو ته ملڪ جي اهم ادارن کي موجوده نيازي سرڪار متنازع ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان علائقائي ۽ لسانيت تي لهي آيو آهي، نيازي سرڪار سان جڙيل ماڻهن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ڪن کولي ٻڌي ڇڏي اسان جيل  ڏسي آيا آهيون، هاڻي عمران خان جو جيل وڃڻ جو وارو آهي. هن چيو ته جيستائين سليڪٽيڊ، نااهل ۽ نالائق نيازي سرڪار کي گهر ڀيڙو نه ڪنداسين تيستائين سک جو ساهه نه کڻنداسين. هن چيو ته اسان ٻيٽن جي حوالي سان ڪا به اين او سي نه ڏني هئي،  اجلاس ۾ صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري، صوبائي وزير سيد سردار شاهه، صوبائي وزير اسماعيل راهو، محمد علي ملڪاڻي، سسئي پليجو، تنزيلا قمبراڻي، ڪرشنا ڪماري۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.