ڪراچي ۾ پورهيت مسجد جي در تي گوليون هڻي قتل

ڪراچي ( رپورٽر  ) ڪراچي جي سائٽ سپرھاءِ وي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش بروھي ۾ نماز پڙھي مسجد جي دروازي کان ٻاھر  نڪرندڙ پنجاب واسي پورهيت کي ھٿيار بندن فارنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو،  پوليس موجب  40 ورهين جو  فياض احمد سرائڪي فجر جو نماز ڳوٺ جي مسجد مان پڙھي جيئن ٻاھر نڪتو ته تاڙ ۾ ويٺل ٽي ھٿيار بندن مٿان فارنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿيڻ باوجود واپس مسجد ۾ داخل ٿي نماز لاءِ وڇايل نُک تي زخمن جو سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، ڳوٺاڻن ٻڌايو فياض احمد سرائڪي اصل پنجاب جي اوچ شريف جو رهواسي هو ۽ ڪافي عرصي کان ڌڻي بخش بروھي ڳوٺ رھندو ھو مقتول رازڪو ڪم ڪندو ھو، پوليس ٻڌايو ته جاچ مان خبر پوي ٿي ته قتل ذاتي دشمني تحت ٿيو آھي،مقتول فياض جو لاش عباسي شھيد اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.