سنڌ ۾ سرڪاري آفيسر عورتون غيرمحفوظ بڻيل، واٽس اپ تي جنسي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

سکر(رپورٽ:اظهر علي دايو سنڌ ۾ سرڪاري آفيسر عورتون به غيرمحفوظ ٿي ويون، ڪميشن پاس ڪري سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز طور ڪم ڪندڙ 10 کان وڌيڪ عورت   آفيسرن جي پرسنل موبائيل نمبرز تي کين ملڪي توڙي غيرملڪي نمبرن تان جنسي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، متاثر عورت آفيسرن پاران ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم ڪراچي ۽ سکر جي آفيسرن ۾ اھڙيون درخواستون داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته کين مختلف نمبرن تان ايس ايم ايس، ڪالز ذريعي جنسي هراسان ڪيو پيو وڃي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڪميشن پاس ڪندڙ عورت آفيسرن طرفان ڄاڻايو ويو آھي ته ھنن جا نمبر سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي گروپ ۾ شامل ھئا، جتان اهي نمبر حاصل ڪري مختلف گروپن ۾ غلط عنوان ڏئي رکيا ويا آھن، جنھن کان پوءِ اسان کي مختلف طريقن سان هراسان ڪيو پيو وڃي، ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم ڪراچي ۾ داخل ڪرايل درخواست نمبر VRf 7156 /2020 ۽ ايف آءِ اي سکر ۾ داخل ڪرايل درخواست نمبر Vrf 783/2020 ۾ عورت آفيسرن ڄاڻايو آھي ته ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ بينچ ڪراچيءَ ۾ آئوٽ آف ٽرن پروموشن کڻندڙن خلاف درخواست داخل ڪرائي آھي، جنھن جي ايندڙ ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تي رکيل آھي، جنسي سراسان ڪندڙن نمبرن تان کين پٽيشن تان ھٿ کڻڻ ۽ خاموش رھڻ جي لاءِ پڻ ڌمڪايو پيو وڃي، ڄاڻايل عورتن مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي انڪوائري ڪئي وڃي، ذريعن موجب سيڪريٽري سوشل ويلفيئر کين جواب ڏنو ته اِھو منھنجو ڪم ناھي، ذاتي مسئلا پاڻ وڃي حل ڪريو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.